سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

مَي 22, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ ۾ جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو  عدالت مبينا جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته شڪايتون ٻڌڻ لاءِ ڪمشنر ۽ سمورن ڊپٽي ڪمشنر جي سربراهي ۾ ڪاميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن سنڌ حڪومت ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته ان سان رابطو ڪري

ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجه اظهار الحسن جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪئي هئي هن  موقف اختيار ڪيو هو ته جعلي ڊوميسائل ٺاهي نوڪريون وڪرو ڪيون پيون وڃن شهري ڪوٽا سان گڏ شهري ۽ ٻهراڙي جي ڪوٽا سان زيادت ڪئي پئي وڃي

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي جعلي ڊوميسائل جاري ڪرڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

لاڳاپيل پوسٽون

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

  • حيدرآباد: ٻڏي ويل جو 30ڪلاڪن بعد لاش هٿ

  • سنڌ حڪومت طرفان باڪسر عاليه سومرو کي 4.65 لکن جو چيڪ ڏنو ويو