سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ ڀاڻ جي بدترين کوٽ تي سمورن ڪمشنرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

ڊسمبر 15, 2023

سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ ڀاڻ جي بدترين کوٽ تي سمورن ڪمشنرز کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، 10 جنوري تي جواب پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

 وقتي چيف جسٽس عقيل احمد ٻڌڻي دوران سوال ڪيو ته ڇا حڪومت ڀاڻ جي فراهمي لاءِ ڪوٽا مقرر ڪري ٿي؟

آبادگارن جي وڪيل علي احمد پلهه چيو ته حڪومت ڀاڻ جي پيداوار تي خانگي ڪمپنين کي سبسڊي ڏئي ٿي، هن وقت سموري سنڌ ۾ ڀاڻ جي فراهمي نه هجڻ برابر آهي، سنڌ ۾ 34 سئو روپين واري ڀاڻ جي ٻوري ساڍا 5 هزار روپين ۾ بليڪ تي وڪرو ٿي رهي آهي

 عدالت صوبي جي سمورن ڪمشنرز کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي 10 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي

Leave A Comment