ميڊيڪل ڪاليجز ۾ انٽري ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ واريون درخواستون رد

نومبر 2, 2023

سنڌ هاءِ ڪورٽ ميڊيڪل ڪاليجز ۾ انٽري ٽيسٽ ٻيهر وٺڻ واريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون

ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 19 نومبر جي مقرر تاريخ تي ئي ڪرائڻ جو حڪم، وقتي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ٽيسٽ پاس ڪندڙ شاگردن جي درخواستن جي ٻڌڻي هلائي

درخواست گذار شاگردن جو موقف هو ته پيپر آئوٽ ٿيڻ جي سزا پاس ٿيندڙ شاگردن کي ڇو پئي ڏني وڃي

عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته اسان وٽ سموريون رپورٽس موجود آهن، فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جاچ ڪئي آهي، ڪابينا معاملي جو جائزو وٺي فيصلو ڪيو آهي

Leave A Comment