| سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران آئيني بينچز بابت آرڊيننس تي جواب طلب: اسٽي کان انڪار |
ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ آئيني بينچز بابت گورنر سنڌ جي جاري ڪيل آرڊيننس خلاف داخل درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 27 نومبر تي جواب طلب ڪري ورتو، عدالت پاران آرڊيننس يا انهي جي سيڪشنز خلاف اسٽي جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، درخواستگذار جي وڪيل عبدالله نقوي چيو ته آرڊيننس جي سيڪشن 6 ۾ آئيني بينچز ۾ مقرري کان انڪار کي مس ڪنڊڪٽ بڻايو ويو آهي, مقرري تسليم ڪرڻ کان انڪار تي معاملو سپريم جوڊيشل ڪونسل موڪلي سگهجي ٿو. آئين ۾ سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ ۾ مقرري تسليم نه ڪرڻ تي سزا موجود آهي، جڏهن ته آئيني بينچز جي مقرري تسليم نه ڪرڻ تي آئين ۾ ڪا به سزا ناهي، جڏهن آئين ۾ ڪا به سزا نه آهي ته پوءِ وقتي گورنر ڪهڙي طرح سزا ڏئي سگهي ٿو, ججن جي مس ڪنڊڪٽ جو تعين گورنر ڪيئن ٿو ڪري سگهي? وڪيل چيو ته ججن جي غير جانبدار رهڻ لاءِ ايگزيڪيوٽو جي مداخلت ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا گورنر کي عدالتي ڪارروائي کان ڇوٽ آهي؟ وڪيل چيو ته صدر ۽ گورنر عدالت کي جوابده ناهن پر کوڙ سارن ڪيسن ۾ کين ڌر بڻايو ويندو آهي، هنگامي صورتحال ۾ گورنر آرڊيننس جاري ڪري سگهي ٿو, 26هين ترميم تحت آرٽيڪل 202A ۾ ترميم کي هڪ سال گذري ويو آهي, هڪ سال گذرڻ بعد اهڙي ڪهڙي ايمرجنسي اچي وئي جو اسيمبلي بدران وقتي گورنر کي آرڊيننس جاري ڪرڻ پئجي ويو؟ سنڌ اسيمبلي جا سيشن ريگيولر بنياد تي ٿي رهيا آهن. اسيمبلي کان قانون سازي ڇو نه ڪرائي وئي؟ آرڊيننس عدليه تي حملو آهي, جسٽس عدنان اقبال چيو ته توهان پريشان نه ٿيو، جواب اچڻ بعد ڏسون ٿا وڪيل چيو ته پريشان ڇو نه ٿيون؟ رات جي اونداهي ۾ ترميم اچي وڃي ٿي.