| سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران دادو جي 50 ڪروڙ جي اسڪيمن تي اسٽي برقرار |
دادو(رپورٽ: ڪامران ڪورائي) پبلڪ هيلٿ کاتي جي لڳ ڀڳ 50 ڪروڙ رپين جي 30 ترقياتي اسڪيمن ۾ مبينا ڦيرڦار ۽ ڪرپشن واري ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآبا بينچ ٺيڪيدار فاروق احمد جي درخواست تي 27 آڪٽوبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ اڳ جاري ڪيل اسٽي آرڊر برقرار رکندي ٺيڪيدار فاروق احمد کي ٽينڊرن ۾ اهل قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سي آر سي جي چيئرمين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو ٺيڪيدار جا ريٽ کولي هڪ مهيني اندر مڪمل رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي. ياد رهي ته اڳوڻي پروڪيورمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين عظمت ڦل ۽ ميمبر غلام حسين پنهور فاروق احمد کي ڪاغذ اڻپورا هجڻ جو الزام هڻي نااهل قرار ڏنو هو، جنهن کي ٺيڪيدار بدنيتي ۽ غيرقانوني عمل قرار ڏيندي عدالت جو در کڙڪايو هو ٺيڪيدار فاروق ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته 24 اپريل تي پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر کيس بنا ڪنهن جواز جي ڊسڪواليفاءِ ڪيو جيڪو ذاتي دشمني ۽ بدنيتي تي ٻڌل قدم هو. سندس ريٽ کولي به نه ڏنا ويا. ٺيڪيدار جو چوڻ آهي ته هو هن سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن جي عدالت ۾ سومر تي باقاعده پٽيشن داخل ڪرائيندو، ته جيئن ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي شروع ٿي سگهي.