حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد سينيئر صحافي علي قاضي جي ٽنڊو ماهي ماهڻ ڪينٽ ايريا ديهه فوجگاهه حيدرآباد ۾ واقع سندس گهر تان قبضو ختم ڪرائي، انهي جو قبضو مالڪ حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي
جسٽس امجد علي سهتي پنهنجي فيصلي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد کي حڪم ڏنو آهي ته جيڪڏهن قبضو ڪندڙ ڌر ٽن ڏينهن اندر پاڻ گهر خالي ڪري مالڪ حوالي نه ڪري ته هو پاڻ قبضو ختم ڪرائي مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏي
ان کان اڳ 8 ايڊيشنل سيشن جج حيدرآباد جي عدالت 24 مارچ 2023سينيئر صحافي علي قاضي جي گهر تان قبضو خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، ان آرڊر کي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ چيلنج ڪيو ويو
عدالت ابتدائي طور انهي آرڊر تي عمل کي روڪي ڌرين کي پيش ٿي پنهنجو موقف بيان ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت 29 مئي تي پنهنجو فيصلو محفوظ ڪيو، جيڪو گذريل ڏينهن جاري ڪيو ويو
10 صفحن تي مشتمل فيصلي ۾ عدالت گهر تي قبضي جي پسمنظر، ڌرين جي وڪيلن ۽ سرڪاري وڪيل جي موقف توڙي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن جو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد پنهنجي فيصلي ۾ نه رڳو ماتحت عدالت جي فيصلي خلاف داخل ڪيل درخواست کي رد ڪيو پر ماتحت عدالت جي فيصلي خلاف ڏنل اسٽي آرڊر کي به واپس وٺي ڇڏيو آهي. عدالت چيو آهي ته هاڻي 24 مارچ 2023ع تي ماتحت عدالت پاران اليگل ڊسپزيشن ايڪٽ جي سيڪشن 7 تحت ڏنل آرڊر بحال رهندو
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ انهي آرڊر خلاف درخواست داخل ڪندڙ کي حڪم ڏنو آهي ته هو پاڻ ٽن ڏينهن ۾ ڪينٽونمينٽ ايريا جي سروي نمبر 145 ٽنڊو ماهي ماهڻ ديهه فوجگاهه جي 8355 اسڪوائر فوٽ جي ايراضي تي قائم بنگلي نمبر 7 تي قبضي کي ختم ڪري ۽ ان جو قبضو اصل مالڪ جي حوالي ڪري ڇڏي
ٻي صورت ۾ ايس ايس پي حيدرآباد پاڻ فوري طور قبضو خالي ڪرائي مالڪ جي حوالي ڪري. سينيئر صحافي علي قاضي پاران ڪيس جي پيروي نامياري وڪيل محمد هاشم لغاري ڪئي، جڏهن ته مخالف ڌر پاران ناميارو وڪيل شهاب سرڪي ۽ وجاهت علي خان پيش ٿيا