سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سکر- حيدرآباد موٽروي جو ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم

مَي 30, 2023

سکر(بيورو رپورٽ) سکر حيدرآباد موٽروي جي تعمير واري معامري متعلق داخل پٽيشن تي ٻڌڻي، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سکر حيدرآباد موٽروي تي ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ رولڙي جو شڪار سکر حيدرآباد موٽروي جو ڪم شروع نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي

عدالت طرفان پڇاڻو ڪرڻ تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي عملدار ۽ انجنيئر عدالت کي ٻڌايو ته سکر حيدرآباد موٽروي جي تعمير لاءِ پئسا ملي ويا آهن، 30 جون کان موٽروي تي ڪم شروع ڪيو ويندو

اين ايڇ اي عملدار عدالت کي ٻڌايو ته زمين جي خريداري واري معامري تي نوشهروفيروز ۾ ڪرپشن ڪيس هلي رهيو آهي، نوشهروفيروز کان علاوه ٻين هندن تي ڪم شروع ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت ۽ ڊونرز سکر موٽروي جي تعمير لاءِ رقم جاري ڪري ڇڏي آهي

درخواستگذار جي وڪيل خان محمد سانگي مطابق سکر حيدرآباد موٽروي جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ سبب حڪومت کي اربين روپين نقصان ٿيو آهي، وقت تي ڪم نه ٿيڻ سبب اربين روپين جي ڪاسٽ ۾ اضافو ٿيو آهي

گذريل ٻڌڻي تي اين ايڇ اي طرفان عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي هئي ته 30 مئي کان ڪم شروع ٿي ويندو، عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ باوجود هن وقت تائين سکر حيدرآباد موٽروي جو ڪم شروع ناهي ٿيو

 وڪيل خان محمد سانگي مطابق عدالت اين ايڇ اي جي عملدارن کي سکر حيدرآباد موٽروي جو ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي

 ٻڌڻي دوران درخواست گذار جو وڪيل خان محمد سانگي، سرڪار طرفان ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل شفيع محمد چانڊيو، اين ايڇ اي جا عملدار عدالت ۾ ٻيا ۾ پيش ٿيا

Leave A Comment