سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران صدف حاصلو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي ڪاوڙ
مَي 29, 2025
لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ امن امان جي خراب صورتحال، سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڌاڙيل وڏيرن جا پاليل آهن، جن کي ڪو هٿ لاهڻ وارو ڪونهي، قمبر ۾ شادي نه ڪرڻ تي پوليس اهلڪار طرفان فائرنگ ڪري قتل ڪيل ليڊي ٽيچر صدف حاصلو جي ڪيس ۾ آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ گهرو کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري جاويد احمد جي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو ۾ پيشي دوران عدالت ڊويزن ۾ امن امان جي خراب صورتحال تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو
جسٽس امجد علي سهتو ريمارڪس ڏنا ته لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، هاءِ ويز غير محفوظ آهن، ڌاڙيل وڏيرن جا پاليل آهن، وڏيرن جي گاڏين ۾ اسلحو ڌاڙيلن کي سپلاءِ ٿي رهيو آهي، رينجرز کي 6.1 بلين بجٽ باوجود ڪارڪردگي بهتر ناهي ۽ ڪو هڪ ڌاڙيل ناهي پڪڙيو ويو، ان کان بهتر آهي ته پوليس کي 2 بلين ڏيو ته جئين هٿيار خريد ڪن، عدالت اهي به مارڪس ڏنا ته امن امان جي حوالي سان ايس ايس پيز جو ڪردار نظر نه پيو اچي انهن کي ڊپارٽمينٽل طور هدايتون ڏنيون وڃن ته جئين جو پنهنجو ڪردار ادا ڪن