سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

آڪٽوبر 3, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ  جو حڪم  ڏئي ڇڏيو

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گمشدگي  بابت درخواست جي ٻڌڻي هلائي، عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل نه ڪرڻ تي عدالت طرفان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو

عدالت چيو ته عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس ڇو داخل نه ڪيو ويو؟ پوليس اڄ ئي عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪري، ڪيس داخل ٿيندو ته جاچ ٿيندي

عدالت پوليس کي ڪيس داخل ڪري 18 آڪٽوبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، گهرو سيڪريٽري کان به 18 آڪٽوبر تي لکت ۾ جواب طلب ڪيو ويو

Leave A Comment