ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڙي جلباڻي واقعي بابت نگران صوبائي سرڪار ۽ رينجرز کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 26 آڪٽوبر تائين مهلت ڏئي ڇڏي
سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ماڙي جلباڻي سانحي جي جڊيشل انڪوائري بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار ذوالفقار جلباڻي، بئريسٽرصلاح الدين، حيدر امام رضوي ۽ ٻيا عدالت آڏو پيش ٿيا
ڊي آءِ جي حيدرآباد جواب جمع ڪرائيندي چيو ته واقعي جا ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ھڪ ڳوٺاڻن جو ۽ ھڪ پوليس طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
رينجرز ۽ سنڌ حڪومت جي وڪيلن طرفان جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مھلت طلب ڪئي وئي، عدالت ڌرين کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 26 آڪٽوبر تائين مهلت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي