سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ٽائون ۽ يوسيز کي فوري بجيٽ ۽ مالياتي اختيار ڏيڻ جو حڪم
نومبر 6, 2023
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽائون ۽ يوسيز کي فوري طور تي بجيٽ ۽ مالياتي اختيار ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس عقيل عباسي مڪاني ادارن کي بااختيار بڻائڻ بابت جماعت اسلامي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت ٽائونز ۽ يو ايس سيز کي فوري طور تي بجيٽ ۽ مالياتي اختيار ڏيڻ جو حڪم ڏنو
عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙيون چونڊون رهجي ويون، اهو عمل مڪمل ڇو نه ٿي رهيو آهي؟