سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڀتاخوري جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي سزا ڪالعدم

سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڀتاخوري جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي سزا ڪالعدم

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ڀتو وٺڻ ۽ حملي واري ڪيس ۾ 12, 12 سال قيد جي سزا ٻڌايل ٻن جوابدارن جي اپيل منظور ڪري ورتي. آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وڪيل شبير علي بوزدار مطابق اي ٽي سي ڪورٽ گهوٽڪي 20 نومبر 2023 تي ڏهرڪي ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي 12,12 سال قيد ۽ 50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. فريادي دليپ ڪمار ايف آئي آر ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته جوابدار 20، لک روپيا ڀنگ ڏيڻ لاءِ پرچي اماڻي هئي. آڪٽوبر 2023 تي پمپ تي ڄاڻايل نامزد جوابدار ۽ ٽي نامعلوم جوابدار فائرنگ حملو ڪري فائرنگ ڪئي هئي. جوابدار جيل ۾ قيد هئا، جن سزا خلاف اپيل داخل ڪئي هئي. ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي جسٽس امجد علي ٻوهيو ۽ خالد حسين شاهاڻي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اي ٽي سي ڪورٽ ميرپور ماٿيلو پاران جوابدار ڀائرن هزارو پتافي ۽ عبداللطيف پتافي کي ڏنل سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کين ٻنهي ڄڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت جيل انتظاميا کي حڪم ڏنو ته جوابدار جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل ناهن ته کين فوري آزاد ڪيو وڃي.