سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڊيوٽي دوران نجي اسپتال هلائيندڙ ۽ مريضن کي ريفر ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو حڪم

  سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڊيوٽي دوران نجي اسپتال هلائيندڙ ۽ مريضن کي ريفر ڪندڙ ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ مريضن کي گھربل سھولتون فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. خبر موجب سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص عمرڪوٽ جي ضلعي ھيڊڪوارٽر اسپتال ۾ مريضن لاءِ سھولتن جي اڻھوند بابت داخل ڪيل پٽيشن تي اسپتال انتظاميا کي مريضن کي گھربل سھولتون فراھم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. ڊسٽرڪٽ بار عمرڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري جاويد ايس ڪنڀر جي داخل ڪيل پٽيشن تي عدالت سڳوري حڪم ڏنو آھي تھ سول اسپتال اندر ايڪسري مشين، الٽرا سائونڊ، اِي سي جي ۽ ليبارٽري فيسلٽيءَ، ايمرجنسي سروس ۽ گھربل دوائن جي موجودگيءَ کي لازمي يقيني بڻايو وڃي. عدالت حڪم ڏنو آھي تھ جيڪڏھن ڊيوٽي ڊاڪٽر اسپتال ٽائم کان اڳ ۾ پنھنجي پرائيويٽ اسپتال ۾ ھوندو تھ مٿس ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ جيڪڏھن ھو مريضن کي پنھنجي پرائيويٽ اسپتال ڏانھن ريفر ڪندو تڏھن بھ مٿس قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. عدالت سڳوري اسپتال انتظاميا کي حڪم ڏنو آھي تھ مٿين حڪمن تي عمل ڪري ٽن مھينن اندر رپورٽ ھاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار وٽ جمع ڪرائي وڃي.