سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪراچي بار جي چونڊن بابت درخواست رد

  سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪراچي بار جي چونڊن بابت درخواست رد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي بار جون چونڊون ڪرائڻ بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت چيو ته ڪراچي بار ۽ سنڌ بار ڪونسل خودمختيار ادارا آهن، تڪرار جي حل لاءِ فورمز جي موجودگي ۾ رٽ کي استعمال نه گهرجي، درخواستگذار ڪنهن انفرادي فرد جي بنيادي حق جي خلاف ورزي ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، درخواستگذار چاهي ته چونڊن  لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري سگهي ٿو, درخواستگذار ممتاز تنولي چيو ته چونڊن ڪرائڻ لاءِ ڪي به قانوني اپاءُ ورتا ناهن ويا،  هن چيو ته سنڌ بار ڪونسل جي ٻن ميمبرن جو ڪراچي بار جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ مفادن جو ٽڪراءُ آهي, ڪراچي بار جو مدو ختم ٿيڻ باوجود سنڌ بار ڪونسل ڪراچي بار جي چونڊن کي ناهي  سنڀاليو.