| سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران گريڊ 5 کان 15 تائين ڀرتي وارو عمل مڪمل ڪرڻ جو حڪم |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ ھاءِ ڪورٽ گريڊ 5 کان 15 تائين جي سرڪاري نوڪرين بابت داخل ڪيل آئيني درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي لاڳاپيل کاتن کي اميدوارن جي ڀرتي وارو عمل مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته اميدوارن کي قانوني حقن مطابق غور هيٺ آندو وڃي، راشد جھتيال ۽ ٻين اميدوارن طرفان داخل درخواست تي آيل عدالتي حڪم موجب عدالت قرار ڏنو ته لاڳاپيل کاتا ڀرتي وارو عمل اڌ ۾ بند نٿا ڪري سگھن، اھڙي عمل سان سنڌ سول سرونٽس اپائنٽمينٽس، پروموشن، ٽرانسفر رول ۽ سرڪاري ملازمت ۾ انصاف جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿئي ٿي، عدالت وڌيڪ چيو ته اڳ ۾ جاري ڪيل معطلي وارو عمل ھاڻي منطقي انجام تي پھچي چڪو آھي، تنهن ڪري هاڻي ڀرتي جو عمل ٻيهر شروع ڪيو وڃي، سڀني اهل اميدوارن کي غور هيٺ آندو وڃي، درخواستگذار جي وڪيل عدالت آڏو موقف رکندي چيو ته آءِ بي اي سکر ذريعي ٽيسٽ وٺي اميدوارن کي پاس سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا ھئا، جيڪي ٽن سالن لاءِ قابلِ عمل آھن، انهي باوجود ڀرتي جو عمل روڪيو ويو آهي، جيڪو اميدوارن جي قانوني حقن جي ڀڃڪڙي آھي، عدالت پٽيشن تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي چيو ته لاڳاپيل کاتن کي گهرجي ته اهي اشتهارن موجب ڀرتيون مڪمل ڪن، پاس ٿيل اميدوارن جي عمر جي حد ۽ سندن ٽيسٽ جي حيثيت کي تسليم ڪن، گريڊن جي بنياد تي انٽرويو مارڪون ڏيڻ واري پاليسي ختم ڪن، جنهن بعد عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي.