| سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران 27هين ترميم خلاف پٽيشن منظور: اٽارني کي نوٽيس |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 27هين ترميم خلاف درخواست کي منظور ڪندي اٽارني جنرل ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري 18 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو، ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل ابراهيم سيف الدين چيو ته 27هين ترميم عدليه کي ايگزيڪيوٽو ( سرڪار) جي ماتحت ڪرڻ جي ڪوشش آهي، هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 239(5) تحت ترميم کي چيلنج نه ڪرڻ واري پابندي اُن وقت لاڳو نٿي ٿئي، جڏهن ترميم آئين جي بنيادي خاصيتن کي متاثر ڪري، وڪيل اڳ ۾ ٿيل فيصلن جا نقل به پيش ڪيا، جنهن بعد عدالت درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏني، عدالت معاملي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي، اٽارني جنرل ۽ ٻين واسطيدار ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تي مقرر ڪري ڇڏي.