50 هزار کان وڌيڪ روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ٿيندا

آڪٽوبر 2, 2023

ڪراچي(رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 50 هزار کان وڌيڪ روپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 بلديا سانحي ڪيس جي ٻڌڻي دوران آءِ جي سنڌ پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته سموري صوبي ۾ 50 هزار 58 جوابدار روپوش آهن، رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ روپوش جوابدارن جو انگ 23 هزار کان وڌيڪ آهي

عدالت پاران اڌ لک کان وڌيڪ جوابدار روپوش هجڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو، جسٽس ڪي ڪي آغا رمارڪس ۾ چيو ته روپوش جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ سنگين ڏوهه آهي

هن چيو ته هن وقت صوبي ۾ ڪا سياسي حڪومت به نه آهي، ڪو اڳوڻو ايم اين اي يا ايم پي اي گرفتاري ۾ مداخلت نه ڪندو، رڳو لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 23 هزا جوابدار روپوش آهن، عدالت جو آءِ جي سنڌ کان پڇاڻو ڪيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ڇا پيو ڪري؟

آءِ جي سنڌ جواب ۾ چيو ته مون 40 ڏينهن اڳ چارج ورتي آهي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو به تازو مقرر ٿيو آهي، جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ توهان جي ذميواري آهي، اسان ڪنهن ٻئي آءِ جي جو انتظار نه ڪنداسين

آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو ته روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين، جنهن بعد عدالت سمورن رپوش جوابدارن جا سڃاڻپ ڪارڊ، بينڪ اڪائونٽ ۽ پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

عدالت  چيئرمين نادرا، گهرو وزارت، پرڏيهي آفيس ۽ اسٽيٽ بينڪ کان 23 آڪٽوبر تائين رپورٽ طلب پڻ طلب ڪري ورتي

Leave A Comment