سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪوريج تي پابندي لڳائڻ وارو پيمرا جو حڪمنامو معطل ڪري ڇڏيو

نومبر 13, 2023

سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪوريج تي پابندي لڳائڻ وارو پيمرا جو حڪمنامو معطل ڪري ڇڏيو، 9 مئي جي واقعن کانپوءِ پيمرا پاران پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪوريج تي پابندي لڳائي وئي هئي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمود اي خان ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، درخواست گذار جي وڪيل بيرسٽر علي طاهر چيو ته پيمرا چيئرمين اڪيلي سر حڪم جاري ڪيو هو، هڪ سياسي جماعت کي نشانو بڻائڻ لاءِ پيمرا بورڊ ۽ ڪائونسل آف ڪمپلين جي ڪورم کي نظرانداز ڪيو ويو، آرڊر پاس ڪرڻ وقت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ ميمبرن کي ٻڌو به نه ويو، عدالت دليل ٻڌڻ بعد پيمرا جي حڪمنامي کي معطل ڪري ڇڏيو

Leave A Comment