ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري ۽ نظير ميمڻ ) ايم ڪيو ايم جي درخواست تي سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن، اٿارٽين ۽ ادارن ۾ نيون ڀرتيون رڪجي ويون، بيروزگار نوجوانن جا ڪروڙين رپيا ٻڏي ويا، ورڪس، پبلڪ هيلٿ، آبپاشي، تعليم، صحت، اقليتي مامرا سميت مختلف کاتن پاران ترقياتي ڪمن لاءِ ڪرايل ٽينڊر پڻ چيلنج ڪيا ويا
ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي سنگل بينچ آڏو ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي درخواست جي ٻڌڻي دوران سندس وڪيل بيريسٽر فروغ نسيم دليل ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت جو مدو 11 آگسٽ 2023ع تي ختم ٿي رهيو آهي، انهي باوجود سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ غير قانوني ڀرتيون شروع ڪري ڇڏيون آهن
هن چيو ته اليڪشن کان اڳ سرڪاري نوڪريون ڏيڻ ڌانڌلي جي ذمري ۾ اچي ٿو، سنڌ حڪومت قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانسواءِ من پسند ماڻهن کي نوڪريون ڏئي رهي آهي،
جسٽس ظفر راجپوت دليل ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن کي ڀرتيون روڪڻ جو حڪم ڏيندي نوڪرين بابت مختلف اخبارن ۾ شايع ٿيل اشتهارن کي به معطل ڪري ڇڏيو، عدالت سنڌ حڪومت ۽ ٻين ڌرين کي 30 آگسٽ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي جواب گهري ورتو
عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت جا سمورن کاتا ۽ سندن ذيلي ادارا ، سمورا ڊپٽي ڪمشنر گريڊ 1 کان 15 تائين جون ڀرتيون نٿا ڪري سگهن
ٻئي طرف محتسب اعليٰ آفيس ۾ ڏنل درخواست ذريعي ورڪس، پبلڪ هيلٿ، آبپاشي، تعليم، صحت، اقليتي معاملن سميت مختلف کاتن پاران ترقياتي ڪمن لاءِ ڪرايل ٽينڊرن کي چيلينج ڪيو ويو آهي
صوبي جي چيف سيڪريٽري، پلاننگ بورڊ جي چيئرمين ۽ ناڻي کاتي جي سيڪريٽريءَ کي ڌر بڻائي داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ حڪومت جو مدو پورو ٿي رهيو آهي، وٽن سڄي سال جا ترقياتي ڪم شروع ڪرائڻ جو ڪو مينڊيٽ نه آهي، ترقياتي بجيت تي عمل ڪرائڻ جو فيصلو نگران حڪومت ڪندي، انهيءَ ڪري هن وقت تائين جاري ڪيل ٽينڊرن تي عمل روڪرايو وڃي