سنڌ هاءِ ڪورٽ ميئر کي ضمني چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ واري درخواست اڪلائي ڇڏي

نومبر 2, 2023

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي ميئر کي ضمني چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ واري درخواست تي جماعت اسلامي کي اليڪشن ٽربيونل سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اليڪشن ٽربيونل کي اعتراضن جو جائزو وٺي فوري فيصلو ڪرڻ جو حڪم، وقتي چيف جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن جنهن طريقي سان ٿي آهي اسان جي ڄاڻ ۾ گهڻو ڪجهه آهي، معاملو اسان جي سامهون ناهي تنهن ڪري راءِ نه ٿا ڏئي سگهون، مڪاني ادارن جي چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عمل نه پيو ٿئي، جماعت اسلامي جي وڪيل ايڊوڪيٽ عثمان فاروق عدالت جي هدايتن بعد درخواست واپس وٺي ڇڏي، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي

Leave A Comment