سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچز جي قيام جو اعلان: وقتي گورنر آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچز جي قيام جو اعلان: وقتي گورنر آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ جي وقتي گورنر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچز بابت پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊننيس 2025ع جاري ڪري ڇڏيو، آئيني درخواستون هاڻي خاص آئيني بينچز ئي ٻڌنديون، آرٽيڪل 202 اي تحت قائم آئيني بينچز کي مڪمل اختيار هوندو، جاري ڪيل آرڊننيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سمورا آئيني ڪيس آئيني بينچز سامهون پيش ڪيا ويندا، آئيني رٽ جا ڪيس، پٽيشنز ۽ لاڳاپيل ڪيس خاص بينچز ٻڌنديون، ججن جي نامزدگي جڊيشنل ڪميشن ڪندي، بينچ جي مدت گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا هوندي، آئيني بئنچ جي سربراهه جي غير موجودگي ۾ سينئر ترين جج وقتي سربراهه هوندو، آئيني جج جي ريفرنس يا ريڪوزل جي صورت ۾ معاملو سپريم جوڊيشل ڪائونسل موڪليو ويندو. آئيني بينچن لاءِ الڳ رجسٽرار ۽ سيڪريٽريٽ قائم ڪئي ويندي، سمورا ڪيس فرسٽ ان فرسٽ آئوٽ جي اصول تحت ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويندا، هنگامي نوعيت جي ڪيس کي فوري فهرست ۾ مقرر ڪيو ويندو، هاءِ ڪورٽ کي آرڊننيس جي نفاذ جا قاعدا ٺاهڻ جو اختيار حاصل هوندو، ڪنهن قانون يا عدالتي فيصلي جي ٽڪراءَ جي صورت ۾ اهو ئي آرڊننيس نافذ العمل هوندو، اهو آرڊيننس سڄي  سنڌ ۾ فوري طور نافذ العمل ٿيندو.