| سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچز ٺاهڻ بابت گورنر پارن جاري ڪيل آرڊيننس چيلنج |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچز ٺاهڻ بابت گورنر پارن جاري ڪيل “دي ڪانسٽيٽيوشنل بينچز آف هاءِ ڪورٽ آف سنڌ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس” کي چئلينج ڪيو ويو آهي، بئريسٽر علي طاهر چيو آهي ته اهو آرڊيننس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي انتظامي معاملن ۾ مداخلت آهي, 27 هين ترميم بعد 202A 6 تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچز کي ريگيولر ڪرڻ جو اختيار صوبائي اسيمبلي کي ڏنو ويو آهي، مٿان وري انهي آرڊيننس کي گورنر بدران وقتي گورنر جاري ڪيو آهي، آرڊيننس ۾ جلد بازي مان واضح آهي ته عدالتن کي جلد کان جلد قابو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پٽيشنر سوال اٿاريو ته ڪهڙو سبب آهي جو قانون سازي اسيمبلي بنا ڪئي وئي آهي؟ عدالت، بار ڪائونسل ۽ سول سوسائٽي کان به ڪا مشاورت ناهي ڪئي وئي، درخواستگذار وڌيڪ چيو آهي ته آرڊيننس جو جاري ٿيڻ آئين جي آرٽيڪل 128 جي ڀڃڪڙي آهي، درخواستگذار استدعا ڪئي آهي ته آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، جڏهن ته آئيني بينچز کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اندروني معاملو قرار ڏئي انتظاميه جي مداخلت کي روڪيو وڃي.