سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 27هين ترميم خلاف ڪنوينشن دوران وڪيل ۽ پوليس آمهون سامهون: اهلڪارن کي ڪٽڪو: سڀاڻي عدالتن ۾ بائيڪاٽ جو اعلان

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 27هين ترميم خلاف ڪنوينشن دوران وڪيل ۽ پوليس آمهون سامهون: اهلڪارن کي ڪٽڪو: سڀاڻي عدالتن ۾ بائيڪاٽ جو اعلان

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 27هين ترميم خلاف ڪنوينشن دوران وڪيل ۽ پوليس اهلڪار  هٿين پئجي ويا، ڪنوينشن هال وڃڻ کان روڪڻ تي وڪيلن پوليس اهلڪارن تي تشدد ڪيو، هال جي بجلي بند ڪرڻ تي وڪيل لائوڊ اسپيڪر کڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ پهتا، وڪيلن جي داخلا تي پابندي ۽ پوليس خلاف 24 نومبر تي سڄي سنڌ ۾ عدالتي ڪاررواين  جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو. ان ڏس ۾ ڪالهه ڪراچي بار پاران 26 ۽ 27هين ترميمن خلاف سٽي ڪورٽ کان سنڌ هاءِ ڪورٽ تائين ريلي ڪڍي ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مک گيٽ تي احتجاجي ريلي پهتي ته نوجوان وڪيلن پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ اندر ڪنويشن ڪرڻ جو اسرار ڪيو ويو، جنهن بعد سمورا وڪيل نعريبازي ڪندا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مک گيٽ جون رڪاوٽون ٽوڙي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي نيو بار روم ۾ داخل ٿي ويا  جتي هنن پاران ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو. هلندڙ ڪنويشن دوران بار روم جي بجلي بند ڪئي وئي، جنهن بعد وڪيل نعري بازي ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ نڪري آيا ۽ اتي ڪنوينشن منعقد ڪيو ويو، ڇڪتاڻ ۽ وڪيلن جي احتجاج دوران پوليس ۽ وڪيلن ۾ جهيڙي سبب اهلڪارن جون ورديون ڦاٽي پيون. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وڪيل اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ، پيڪا ايڪٽ، 26 ۽ 27هين ترميمن خلاف سموري ملڪ جا وڪيل هڪ پيج تي آهي. ڪارن قانونن خلاف سمورا وڪيل ڊي تي به گڏ ٿيڻ لا۽ تيار آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ رجسٽرار پاران عدالتي احاطي ۾ سياسي سرگرمين، احتجاجن ۽ تقرين تي پابندي واري نوٽيفڪيشن ۽ پوليس گردي خلاف ڪراچي پاران سڀاڻي سومر تي عدالتن ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو ويو آهي،  ڪراچي بار پاران 26 ۽ 27 هين ترميم خلاف ڪوٺايل ڪنوينشن ۾ صدر عامر نواز وڙائچ چيو ته سومر تي عدالتن ۾ عام هڙتال ڪئي ويندي، عامر نواز وڙائچ چيو ته هيءَ عدالت ۽ بار وڪيلن جي آهي، وڪيل نه ويندا ته ٻيو ڪير ويندو؟ ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان 13 ڊسمبر تي ڪيو ويندو، ڪنهن به صورت ۾ 26 ۽ 27 هين ترميمون قبول نه ڪنداسين، وڪيل اڳواڻ ناياب شاهه چيو ته 27 هين ترميم ۾ جيڪا ڇوٽ ڏني وئي آهي، اها ڇوٽ ته اسلام ۾ به جائز نه آهي، اها ترميم سرار اسلام جي خلاف آندي وئي آهي. اسلامي جهموريه پاڪستان اندر ڪنهن کي به ڇوٽ ڏيڻ نه ڏينداسين، سمورا وڪيل اهڙي ڪاري قانون کي رد ٿا ڪن، جيستائين اهي ڪارا قانون واپس نه ورتا ويندا تيستائين تحريڪ نه رڪجندي ۽ نه جهڪندي، هن چيو ته سندن جنگ عدليا جي آزادي لاءِ آهي ۽ اها جنگ مرڻ گهڙي تائين وڙهنداسين، ميرپور خاص بار جي صدر چيو ته هو پاڪستان ۽ سنڌ کي ٽڪرا ٿيڻ نه ڏيندا، سنڌ ۽ پاڪستان تي پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندا. ڪارن قانون کي رد ٿا ڪريون، ڪراچي بار جي نائب صدر ڪاظم مهيسر چيو ته هو عدالتن ۽ ججن کي بچائڻ نڪتا آهيون، ڪارن قانونن تحت سنڌ جي لٽ ڦر ٿيڻ نه ڏينداسين، وڪيلن پاران هڪ آئين ٻه دستور نا منظور نا منظور جا نعرا پڻ هنيا ويا. ڪراچي بار جي جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي چيو ته تحريڪ هاڻي نه رڪجندي، اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي وڪيل گڏ ٿيڻ لاءِ تيار آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر سرفراز ميتلو ڪنوينشن ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي پڌرائي موجب ڪنويشن گهرائڻ خلاف نه آهيون پر سيڪريٽري بار اختيار اورانگهيا آهن، ڊسمبر جي پهرئين هفتي ۾ ٻيهر اجلاس گهرائي ڪنوينشن جي نئين تاريخ جو فيصلو ڪيو ويندو، ڊي آءِ جي ڏکڻ اسد رضا چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ ٻاهران پوليس آفيسر سان خراب ورتاءُ ڪيو ويو، قانوني ڪارروائي لاءِ سمورن رخن جو جائزو ورتو پيو وڃي. ڪنوينشن ۾ سموري سنڌ جي وڪيل اڳواڻن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.