| سنڌ هاءِ ڪورٽ 27 ترميم خلاف پٽشينن کي گڏائي ڇڏيو : نوٽيس |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 27 ترميم خلاف داخل ڌار ڌار درخواستن کي گڏائي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 18 ڊسمبر تي جواب طلب ڪري ورتو، جسٽس عدنان اقبال چوڌري چيو ته آرٽيڪل 239(5) ترميم خلاف عدالتي ڪارروائي کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، انهي آرٽيڪل جو ڇا ڪندئو؟ وڪيل درخواستگذار ابراهيم سيف الدين چيو ته 27هين ترميم عدليه جي آزادي تي حملو آهي, اسلام ۾ تاحيات ڇوٽ جو ڪو به تصور ناهي، سپريم ڪورٽ ڪيترن ئي فيصلن ۾ قرار ڏنو آهي ته آئين جا بنيادي خال تبديل نٿا ڪري سگهجن، وڪيل وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ جيڪڏهن آرٽيڪل 227 جي نفي ڪندي غير اسلامي ترميم ڪري ته ڇا انهي کي به ڪنهن عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي؟ آرٽيڪل 227 تحت اسلامي خدو خال خلاف ڪا ترميم نٿي ڪري سگهجي.