سنڌ هاءِ ڪوٽ ۾ آئيني بينچ جي قيام لاءِ ٺهراءُ منظور: پي ٽي آءِ ۽ جماعت پاران مخالفت
نومبر 5, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي مان 26 هين آئيني ترميم آڌار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جي قيام لاءِ ٺهراءُ اڪثريت سان منظور، ايوان ۾ موجود 127 مان 123 ميمبرن ٺهراءُ جي حمايت ۽ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته ۽ جماعت اسلامي جي ميمبرن ٺهراءُ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏئي ڇڏيو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبائي آئيني بينچ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد ئي ٺهي سگهنديون، 26 هين ترميم جو مسودو بلاول ڀٽو جو هو جنهن جي سمورين پارٽين حمايت ڪئي، پي ٽي آءِ به پنهنجا ٻه ميمبر شامل ڪري 26 هين ترميم کي قبول ڪيو آهي. ڪالهوڪي اجلاس ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياالحسن لنجار 26 هين آئيني ترميم تحت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جي قيام جي حمايت ۾ ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت طلب ڪئي، جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ايوان ۾ موجود ميمبرن کي ٺهراءُ جي حمايت ۾ اٿي بيهي ووٽ ڪرڻ يا مخالفت ڪرڻ جي رولنگ ڏني، جنهن تي ايوان ۾ موجود 126 ميمبرن اٿي بيهي ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته جماعت اسلامي جو هڪ ميمبر پنهنجي سيٽ تي ويٺل رهيو، ٺهراءُ پيش ٿيڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر نويد اينٿوني هڪ دفعو ٻيهر رولنگ ڏيندي چيو ته جيڪي ميمبر ٺهراءُ جي حمايت ڪن ٿا، اهي اٿي بيهن، جڏهن ته مخالفت ڪندڙ ويٺل رهن، جنهن تي ايوان ۾ موجود 127 مان 123 ميمبرن اٿي بيهي ٺهراءُ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنا، جڏهن ته پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي 4 ايم پي ايز ٺهراءُ جي حمايت ۾ ووٽ نه ڏنو، جنهن کانپوءِ آئيني بينچ جي قيام وارو ٺهراءُ اڪثريت سان منظور ڪيو ويو. ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو ته صوبائي آئيني بينچ سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ٿيڻ بعد ئي ٺهي سگهندي، هن چيو ته 26 هين ترميم جو مسودو بلاول ڀٽو جو هو، جنهن جي سمورين پارٽين حمايت ڪئي، هن چيو ته پي ٽي آءِ به جوڊيشل ڪميشن ۾ پنهنجا ٻه ميمبر شامل ڪري 26 هين ترميم کي قبول ڪيو آهي. هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ پورهئي ( ليبر ) کاتي بابت ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي صوبائي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم چيو ته سکر ۾ 20 بسترن جي سوشل سيڪيورٽي اسپتال کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چونڊڪو خيرپور ۾ 50 بسترن جي اسپتال قائم ڪئي وئي آهي، پوري صوبي ۾ پورهئي کاتي جون پنج اسپتالون ۽ 42 ڊسپينسريون ٺهيل آهن جن ۾ پورهيتن جو علاج ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي عمل ڪرائڻ اسان جي کاتي جي ذميواري آهي، مختلف ڪارخانن ۾ وڃي گهٽ ۾ گهٽ اجرت تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڇاپا هنيا ويندا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ ٽوٽل 3991 ليبر يونينز رجسٽرڊ ٿيل آهن، جڏهن ته سيسي وٽ 6 لک پورهيت رجسٽرڊ آهن. صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ايوان ۾ هڪ ميمبر جي پوليو مهم بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي چيو ته هيل سنڌ ۾ پوليو جا 14 نه پر 12 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، پوليو جي خاتمي لاءِ اثرائتي مهم هلائي وئي آهي، هن چيو ته افغانستان ۽ پاڪستان ساڳئي بلاڪ ۾ آهن، افغانستان مان ماڻهن جي اچ وڃ جاري آهي. جيستائين افغانستان مان پوليو ختم نه ٿيندو، تيستائين پاڪستان مان به ختم نه ٿيندو، ايجنڊا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڊپٽي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 24 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ويڪسين فورس وڌائڻ لاءِ وڌيڪ 1134 ويڪسينيٽرز ڀرتي ڪيا ويا آهن