سنڌ هن وقت ڪيترن ئي سنگين خطرن کي منهن پئي ڏئي: قادر مگسي

  سنڌ هن وقت ڪيترن ئي سنگين خطرن کي منهن پئي ڏئي: قادر مگسي

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي نوابشاھ ڊويزن جو تربيتي ورڪشاپ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت هيٺ ٿيو. ورڪشاپ ۾ نوابشاھ ڊويزن سان لاڳاپيل ضلعن نوابشاھ، سانگهڙ ۽ نوشهري فيروز جي ضلعي اڳواڻن سميت سوشل ميڊيا ٽيم جي ذميوارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هن وقت ڪيترن ئي سنگين خطرن کي منهن ڏئي رهي آهي. هڪ پاسي نسل پرست ۽ سنڌ دشمن قوتون سنڌ کي ٽوڙڻ جون سازشون ڪري رهيون آهن، جڏهن ته ٻئي پاسي سنڌ جي وسيلن تي قبضا جاري آهن. هن چيو ته سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف پراجيڪٽن جي نالي ۾ مختلف ڪمپنين حوالي ڪئي وئي آهي، جنهن سبب سنڌ جو عوام سخت بي چيني ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسپتالن ۾ صحت جون بنيادي سهولتون موجود ناهن، اسڪول بند پيا آهن، بيروزگاري سبب نوجوان مايوسي جو شڪار آهن ۽ ڪرپشن ۽ لُٽ مار عوام کي بي حال ڪري ڇڏيو آهي.