سنڌ هڪ رهندي: دادو ۾ متحده اڳواڻن پاران سرگرميون ختم ڪرڻ جو اعلان

  ميھڙ (ن پ ا) سنڌ جي وحدانيت ، سنڌ جي تقسيم ، نوان صوبا ۽ يونٽ ٺاھڻ واري عمل خلاف ميھڙ ايم ڪيو ايم تعلقي ميھڙ ۽ ضلع دادو جي اڳواڻن وڪيل ذوالفقار کوکر ،  محمد خان کوسو ، مير اظھر حسين ڳورڙ ، علي حسن چانڊيو ، علي اڪبر ڏيپر ۽ ٻين ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي سنڌ جي ورھاست نون صوبن ۽ يونٽن جي ٺھڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪندي ضلع دادو ۾ ايم ڪيو ايم جون سرگرميون ختم ڪري ڇڏيون، وڪيل ذولفقار کوکر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم اڳواڻن اسان کي پنهنجن ضلعن ۾ اميدوار مقرر ڪيو ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺرائڻ لاء سيٽون ڏنيون ان کان پوء اسان کي جي ڊي اي جي  حمايتي بڻايو ويو اسين مسلسل پنھجي جدوجھد جو سلسلو جاري رکندا اچون پيا پر ڪجھ ڏينھن کان ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ ڪراچي ۾ ويھي چون ٿا ته سنڌ کي ٽوڙي ڪراچي الڳ صوبو ڪري ڏيو ائين  نٿو ٿي سگهي، اوهان ڪراچي ۽ سنڌ چوڻ ڇڏي ڏيو سنڌ هڪ آهي ۽ سنڌ هڪ ئي رهندي اسان ڪارڪنن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان ايم ڪيو ايم ۾ آهيون پر اڄ کان ضلع دادو ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪا به ايڪٽوٽي نه هلندي جيستائين اوهان فيصلو واپس نه وٺندو اسان جو بائڪاٽ رھندو