“سنڌ هڪ رهندي”: سنڌ اسيمبلي جو ٺهراءُ صدر ۽ وزيراعظم حوالي:  متحده جو هنگامو: گهيراءُ: اسپيڪر خلاف نعرا    

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) ايم ڪيو ايم جو سنڌو ديش خلاف ٺهراءُ ايجنڊا ۾ شامل نه ڪرڻ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ احتجاج، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي ۽ ٻيا متحده ميمبر اسپيڪر جي ڊائيس آڏو گڏ ٿي ويا، اسپيڪر گردي نامنظور ۽ ڌرتي ماءُ پاڪستان جا نعرا، ايوان پيٽروليم ليوي ختم ڪرڻ واري قرارداد منظور ڪري ورتي، ڪالهه اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي جي شڪايتن کانپوءِ سوالن واري وقفي جي شروعات ٿي ته ايم ڪيو ايم جي ميمبر طحه احمد گوڙ شروع ڪري ڏنو. لاڳاپيل خاص معاون ڊاڪٽر شام سندر سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ تيار هو پر اپوزيشن ميمبرن پاران مسلسل نعريبازي جاري رهي. ان موقعي تي اسپيڪر اويس قادر شاهه اپوزيشن ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سڄي سنڌ اوهان کي ڏسي رهي آهي. اسپيڪر پاران گوڙ ڪندڙ ميمبرن کي مخاطب ٿيندي چيو ويو ته جيڪڏهن اوهان جي ڪرسي ۾ مسئلو آهي ته ڪرسي تبديل ڪرائي ڏيان ٿو. اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبر سجاد سومرو سرڪاري استادن لاءِ انشورنس پاليسي متعارف ڪرائڻ جي قرارداد پيش ڪئي، قرارداد ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سروس دوران فوت ٿيندڙ استادن جي وارثن کي انشورنس جي سهولت ڏني وڃي. جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق پيٽروليم ليوي چارجز ختم بابت قرارداد پيش ڪئي ، جنهن تي صوبائي وزير ضياالحسن لنجار چيو ته پيٽروليم ليوس جو معاملو وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل آهي، سنڌ حڪومت ليوي ٽيڪس ختم نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کان ليوي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري سگهي ٿي، جنهن بعد سنڌ اسيمبلي ۾ پيٽروليم ليوي خلاف قرارداد ۾ ترميم ڪري منظور ڪئي وئي. اجلاس دوران ڊپٽي اسپيڪر اينٿوني نويد پاران ڪرسچن فيملي لاز 2026  بل پيش ڪيو نويد انٿوني بِل ۾ ڄاڻايو ويو ته ڏيڍ سئو سالن کانپوءِ ڪرسچن فيملي لا اسيمبلي ۾ آيو آهي. اپوزيشن کي گذارش آهي ته اها بل جي حمايت ڪري. بعد ۾ ڪرسچن فيملي لا 2026 جو بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو. اپوزيشن جي مسلسل احتجاج بعد اسپيڪر اجلاس اڄ منجھند 2 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي  سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته اسان اسپيڪر اويس قادر شاھ کي غيرجانبدار سمجھندا هئاسين، وڏي وزير کان دڙڪا ملڻ کانپوءِ اسپيڪر جو رويو جانبداراڻو ٿي ويو آهي. اسان جي ميمبر وڊيو ٺاهي، جنهن تي اسان لکت ۾ معذرت ڪئي، اسيمبلي جا ميمبر ۽ وزير اسيمبلي هال کي پارڪ ۽ اسٽوڊيو سمجهن ٿا. هن چيو ته ڪجهه عورت ميمبر سٺي جاءِ تان ميڪ اپ ڪرائي اسيمبلي اچن ٿيون، انهن ميمبرن کان ڪڏهن معذرت ڪرائي وئي آهي؟ هن چيو ته بجيٽ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي سيڪريٽريٽ جو رويو عجيب آهي. اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي سيڪريٽري طرفان ون وي ٽريفڪ هلائي پئي وڃي. اپوزيشن ميمبرن جو بزنس ڄاڻي واڻي مائنس ڪيو وڃي ٿو. اهو سلسلو نه رڪيو ته اسان به ڏسنداسين ته اجلاس ڪيئن ٿا هلائين؟ متحده ميمبر طحه احمد چيو ته سنڌ اسيمبلي کي وڏيرا پنهنجي اوطاق سمجهي هلائي رهيا آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ هي غيرجمهوري رويو برداشت نه ڪنداسين. هن چيو ته شهري سنڌ جا پٽ حڪمرانن کان سوال ڪن ٿا ته توهان عليحدگي پسندن جي حمايت ڇو ٿا ڪريو؟ اسان حلف کنيو آهي ته پاڪستان جي حق ۾ بيهنداسين. واضح ڪريو ته اوهان سنڌو ديش جي حق ۾ آهيو يا مخالف؟ هن چيو ته اسان نصيرالله بابر ۽ ذوالفقار مرزا کان نه ڊنا سين، ٻارن کان ڇا ڊڄنداسين؟.
 

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي نون صوبن خلاف منظور ڪيل ٺهراءُ جي ڪاپي صدر، وزيراعظم، سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر ڏانهن اماڻي ڇڏي. ان حوالي سان ڪالهه  سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري جي. ايم. عمر فاروق جي صحيح سان خط، ٺهراءُ جي ڪاپي ۽ تفصيلن سان گڏ صدر، وزيراعظم کي سندن پرنسپل سيڪريٽريز ذريعي، سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي اماڻيو ويو آهي. خط ۾ اسيمبليءَ سيڪريٽري ڄاڻايو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ 3 سيپٽمبر 2026ع  تي متفقه طور هڪ اهم قرارداد منظور ڪندي سنڌ جي ورهاڱي، حدن ۾ تبديلي يا ڪنهن نئين صوبي جي قيام واري رٿا کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.  سنڌ اسيمبلي ۾ ان معاملي تي بحث ڪرائڻ بعد ٺهراءُ منظور ٿيو  ٺهراءُ ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ هڪ تاريخي اڪائي طور پاڪستان ۾ شامل ٿي هئي. برطانوي هندستان ۾ سنڌ جي قانون ساز اسيمبلي پهرين هئي جنهن 3 مارچ 1943ع  تي پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد منظور ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ 26 جون 1947 ع تي رٿ پاس ڪري نئين رياست ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي سنڌ جي ورهاڱي خلاف 1948ع، 2012ع، 2013ع، 2014،ع، 2019ع  ۽ 21 فيبروري 2026ع تي پڻ اهڙيون قراردادون منظور ڪري چڪي آهي. خط موجب آئين جي آرٽيڪل (4)239 تحت صوبي جي حدن ۾ تبديليءَ بابت ڪابه آئيني ترميم صوبائي اسيمبليءَ جي ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت کانسوا صدر کي پيش نٿي ڪري سگهجي. ٺهراءُ ۾ سنڌ اسيمبليءَ سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي هئي ته هن قرارداد جي ڪاپي صدر، وزيراعظم، چيئرمين سينيٽ ۽ اسپيڪر قومي اسيمبليءَ ڏانهن موڪلي وڃي، جنهن تحت ٺهراءُ جي ڪاپي وفاقي ادارن کي عمل ڪرڻ لاءِ اماڻي وئي آهي. خط ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته منظور ڪيل ٺهراءُ ۾ واضح ڪيو ويو ته “سنڌ هڪ هئي ۽ سنڌ هڪ ئي رهندي”. سنڌ اسيمبلي ٺهراءُ منظور ڪندي سنڌ کي ورهائڻ يا سرحدي تبديلي ڪرڻ جي هر پلان کي مڪمل طور تي رد ڪيو آهي. سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ جي عوام جي راءِ جو احترام ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به نئين صوبي يا انتظامي يونٽ جي ڳالهه نه ڪئي وڃي، سنڌ جي ورهاست نامنظور، سنڌ هڪ آهي ۽ هميشه رهندي