سنڌ واحد صوبو آهي جتي ايس ايڇ او کي ڊي ڊي او جا اختيار ڏنا ويا آهن: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ
جُون 20, 2024
سنڌ ۾ پوليس ٿاڻن کي سڌي بجيٽ جاري ڪرڻ تي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، سنڌ واحد صوبو آهي جتي ايس ايڇ او کي ڊي ڊي او جا اختيار ڏنا ويا آهن، غير مجاز هنڌن تي مقرر اهلڪار واپس گهرائي ٿاڻن جي نفري وڌائڻ جي ضرورت آهي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو سي پي او ۾ ايس فور منصوبي جي تقريب کي خطاب، آءِ جي سنڌ چيو ته ڪراچي ۾ ڦر دوران شهرين جي قتل يا زخمي ٿيڻ وارن واقعن سبب پوليس تي تنقيد ٿي رهي آهي، سنڌ پوليس لوڪيٽرز ۽ ٻي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان 65 سيڪڙو جوابدار ٽريس ڪري ڪيس حل ڪيا آهن، آءِ جي سنڌ پوليس لاءِ هيلٿ پاليسي جي اعلان تي وڏي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته سنڌ پوليس جو اهو پراڻو مطالبو هو جيڪو پورو ڪيو ويو آهي