ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته خطي ۾ جنگي صورتحال سبب وفاقي حڪومت کي پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو، جنهن جو عوام تي بار پيو. اسان بلاول ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جي هدايتن تي عوام کي 35 اربن جو رليف پيڪيج ڏنو آهي. بينظير هاري ڪارڊ رکندڙ 25 ايڪڙن کان گهٽ زمين رکندڙ 3 لک 30 هزار آبادگارن کي في ايڪڙ 1500 رپين جي حساب سان سنڌ بينڪ ذريعي ادائگي شروع ٿي وئي آهي. ايڪسائيز واري وزير مڪيش چاولا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ 67 لک موٽر سائيڪلون رجسٽرڊ آهن جن کي ماهوار ٻه هزار رپيا ملندا، ِ سنڌ حڪومت موٽر سائيڪل منتقلي لاءِ ٽرانسفر في معاف ڪئي وئي آهي، ڀاڙن تي ڪنٽرول لاءِ بسن، ڪوچن، وينن ۽ ٽرڪن جي مالي مدد ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ۽ ايڪسائيز کاتي گڏيل ڪارروائي ڪندي اربين رپين جي 500 ڪلو گرام ڪرسٽل آئيس ۽ 3000 بوتلون پرڏيهي وهسڪي هٿ ڪئي، اها منشيات سمنڊ رستي ڪورنگي منتقل ڪئي وئي هئي،