| سنڌ ورسٽي دادو ڪيمپس جي پي وي سي تي نشي جي حالت ۾ ورسٽي اچڻ، غير اخلاقي حرڪتن جو الزام |
دادو(رپورٽ: ڪامران ڪورائي) دادو جي سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ۾ پرووائس چانسلر سيد اظهر علي شاهه جي مبينا غفلتن، غير تعليمي ۽ غير مناسب رويي خلاف شاگردن ۽ استادن پاران شديد احتجاج ۽ بائڪاٽ ڪيو ويو آهي. آءِ ٽي، انگلش ۽ بي بي اي ڊيپارٽمينٽ جي شاگرد ۽ شاگردياڻين ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪري ڪلاس رومز کان ٻاهر نڪري آيا شاگردن الزام لڳائيندي چيو آهي ته پرووائس چانسلر سيد اظهر علي شاهه مبينا نشي جي حالت ۾ هلندڙ ڪلاس اندر داخل ٿيو، جنهن سبب تدريسي ماحول سخت متاثر ٿيو. شاگردن موجب هڪ شاگردياڻي ليڪچر ڏئي رهي هئي ته ان دوران پي وي سي ڪلاس اندر داخل ٿي عجيب و غريب حرڪتون ڪندو رهيو ۽ شاگردياڻي جي چوڌاري گول چڪر ڪاٽيندو رهيو، جيڪو انتهائي غير مناسب عمل آهي شاگردن جو چوڻ آهي ته اهڙن واقعن سبب ڪيمپس جو تعليمي ماحول خراب ٿي رهيو آهي ۽ هو پاڻ کي ذهني طور غير محفوظ محسوس ڪن ٿا. واقعي بابت موقف وٺڻ لاءِ جڏهن پرووائس چانسلر سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته هو ان وقت ڪيمپس ۾ موجود نه هو، جڏهن ته سندس موبائيل فون ڪنهن ٻئي شخص وٽ هو، جنهن سبب رابطو ممڪن نه ٿي سگهيو. معاملي جي شدت کان پوءِ مبينا الزامن هيٺ ڄاڻايل پرووائس چانسلر سيد اظهر علي شاهه دادو ڪيمپس پهتو، جتي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزامن کي رد ڪيو، پر سندس لهجو تيز، جزباتي ۽ حالت غير مناسب قرار ڏني وئي. پي وي سي شاعري ۽ ڳائڻ جي انداز ۾ چوندو رهيو ته “مان علم جو پياسو آهيان، چلم جو نه”. پرووائس چانسلر چيو ته شاگردن بائڪاٽ ناهي ڪيو، بلڪه شاگردن سندس آجيان ڪئي آهي، جڏهن ته استادن کي مخاطب ٿيندي هن چيو ته بائڪاٽ ڪندڙ استاد ڊيوٽي چور آهن، جيڪي پنج ڏينهن جي پگهار وٺي چار ڏينهن به ڊيوٽي نٿا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن هو ڪيمپس آيو ته شاگرد ٻاهر بيٺل هئا، جن کان پڇڻ تي انهن ٻڌايو ته استاد اطهر شر انهن کي دير اچڻ ڪري ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي جنهن بعد هن شاگردن کي ڪلاسن ۾ ويهاريو .دادو ڪيمپس ۾ پيدا ٿيل هن صورتحال بعد تعليمي ماحول سخت متاثر ٿي ويو آهي ۽ شاگردن، استادن توڙي والدين ۾ ڳڻتي پيدا ٿي وئي آهي ٻي طرف ڪيمپس ۾ ڇڪتاڻ بعد سيد اظهر علي شاھ دادو پريس ڪلب پهچي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن ۾ ان چيو ته ڪئمپس ۾ ڪجھه استاد شاگردن کي استعمال ڪري رهيا آهن جنهن سبب پڙهائي جو عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي ھن نالا وٺندي چيو ته ڊاڪٽر آصف چنه، ڊاڪٽر سليمان ميمڻ، اطهر شر ۽ ڪجھه ٻيا استاد شاگردن کي. مارڪون ڏيڻ جو جھانسو ڏئي ۽ ورگلائي هڪ ته ڪئمپس انتظاميه جي سمورن نظم ۽ ضبط جي تباهي ڪري رهيا ته ٻئي طرف شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ڪيريئر پڻ تباھ ڪري رهيا آهن، هن چيو ته آصف چنه بزنس ڊپارٽمينٽ جو ايڇ او ڊي رهڻ لاءِ تعليمي اداري کي تباهي طرف وٺي وڃي رهيو آهي ھن چيو ته حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور ميرس کان ايندڙ استاد سومر واري ڏينهن 12 وڳي پهچڻ ٿا ۽ خميس تي پنهنجن علائقن ڏانهن ھليا وڃن ٿا جنهن سبب ڪئمپس اندر تعليمي عمل صرف 3 ڏينهن هلي ٿو پر تنهن هوندي به دادو سان لاڳاپيل استادن جي ڪري اسان هفتي جا 5 ڏينهن ڪئمپس کي هلائي وڃون ٿا جنهن بابت اسان هن عمل جي سموري معلومات سنڌ يونيورسٽي جي وي سي کي ڏيندا رهو ٿا هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي تعمير بابت 450 ملين جو ٽينڊر ٿي چڪو آهي پر ڪم اڃان تائين شروع. نه ٿي سگهيو آهي جنهن بابت اسان ٺيڪيدارن کي گذارش ٿا ڪريون ته نئين ڪئمپس جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو وڃي
| ڪيمپس جي استادن جو تدريسي عمل جي بائيڪاٽ جو اعلان |
دادو: ڪيمپس جي استادن پاران پرووائس چانسلر جي رويي ۽ مبينا نشي جي حالت ۾ ڪلاسن ۾ داخل ٿيڻ خلاف سڀاڻي کان مڪمل تدريسي بائڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. استادن جو چوڻ آهي ته ڪيمپس ۾ ڪيترائي معاملا ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري چڪا آهن ۽ موجوده پي وي سي هاڻي هن عهدي تي رهڻ جو اهل نه رهيو آهي، ان ڪري کيس فوري طور هٽايو وڃي. استادن الزام لڳايو ته ليڪچر دوران پي وي سي نشي جي حالت ۾ ڪلاس اندر داخل ٿيو، جنهن کي پاڻ به خبر نه هئي ته هو ڇا پيو ڪري. استادن موجب پي وي سي ڪيمپس ۾ عجيب قسم جون حرڪتون ڪندو رهي ٿو ۽ شاگردياڻين جي ويجهو وڃڻ جهڙا عمل ڪري ٿو، جيڪو تعليمي ادارن جي اخلاقي قدرن جي ڀڃڪڙي آهي. استادن امجد لاشاري، آصف چنه، سليمان ميمڻ ۽ اطهر شر ۽ ڪلثوم پنهور مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن پرووائس چانسلر نشو نٿو ڪري ته هو ميڊيڪل چڪاس لاءِ راضپو ڏئي ۽ سندس ٽيسٽ ڪرائي وڃي ته حقيقت سامهون اچي سگهي. ان موقعي تي فيميل فيڪيلٽي جي استاد ڪلثوم پنهور چيو ته “اسان پاڻ کي هن پي وي سي جي موجودگي ۾ ڪيمپس محفوظ محسوس نٿا ڪريون جڏهن ته استادن جو چوڻ آهي ته اڳ به وائس چانسلر کي انهن معاملن بابت آگاهه ڪيو ويو هو، پر ڪوبه عملي قدم نه کنيو ويو، جنهن سبب هاڻي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿياسين.
يونيورسٽيز واري وزير نوٽيس ورتو: اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دادو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيمپس ۾ پرو وائس چانسلر جي مبينا روين خلاف پيدا ٿيل تڪرار کان پوءِ استادن ۽ شاگردن جي احتجاج واري معاملي تي يونيورسٽيز واري وزير اسماعيل راهو نوٽيس ورتو آهي، جنهن کان پوءِ دادو سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس جي انتظاميه متحرڪ ٿي وئي آهي۔ سنڌ جي يونيورسٽيز واري وزير جي ترجمان موجب دادو ڪيمپس جي مجموعي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر طرفان اعليٰ سطحي ڪاميٽي جوڙي وئي آهي۔ ٽي رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ڪنويئنر پروفيسر ڊاڪٽر جاويد احمد چانڊيو هوندو، جڏهن ته پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر نانڪ رام کي ڪاميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي۔ ترجمان موجب ڪميٽي اڄ سنڌ يونيورسٽي دادو ڪيمپس جو دورو ڪندي، جتي اها زميني حقيقتن، انتظامي معاملن ۽ درپيش مسئلن جو تفصيلي جائزو وٺندي۔ ڪميٽي ٽن ڏينهن اندر پنهنجي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ صوبائي وزير کي پيش ڪندي۔ ان حوالي سان صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته يونيورسٽين ۾ استادن ۽ شاگردن سان ڪنهن به قسم جي بدسلوڪي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي۔ اهڙا واقعا تعليمي ادارن جي وقار ۽ تعليمي ماحول کي سخت نقصان پهچائين ٿا۔