سنڌ ورهائڻ جو مخالف آهيان، اين سي سي آءِ اي انڪوائري ماٺ ڪرائڻ لاءِ آهي: اياز لطيف جو جوابنامو 

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو اين سي سي آءِ اي طرفان اماڻيل سوالنامي جو جواب ڏئي ڇڏيو. قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل اياز لطيف پليجي 19سوالن جي جواب ۾ چيو آهي ته آئون پاڪستان جو قانون پسند ۽ امن پسند شهري آهيان،  آئين ۽ قانون موجب هر قسم جي قانوني سهڪار لاءِ تيار آهيان، ڪال اپ نوٽيس جي تعميل ڪندي مقرر تاريخ تي اين سي سي آءِ اي جي آفيس ۾ پيش به ٿيو هئس، اياز لطيف پليجي چيو ته سوالنامي ۾ جنهن تقرير يا سوشل ميڊيا ڳالهه ٻولهه بابت سوال ڪيا ويا آهن، ان جا بنيادي تفصيل ئي فراهم نه ڪيا ويا آهن، نه تقرير جي تاريخ، وقت، هنڌ، موقعو، مڪمل متن، وڊيو يا آڊيو رڪارڊنگ، سوشل ميڊيا پليٽ فارم، لنڪ يا مبينا ڏوهه جي نوعيت واضح ڪئي وئي آهي، تنهن ڪري اهڙي غير واضح مواد جو جواب ڏيڻ ممڪن ناهي، هن چيو ته آئون سپريم ڪورٽ جو وڪيل، آئيني ماهر، سياسي اڳواڻ ۽ عوامي مقرر آهيان، سڄي سال ۾ سياسي، تعليمي، آئيني ۽ انساني حقن بابت سوين تقريرون ڪندو آهيان، تنهن ڪري لاڳاپيل تقرير جي سڃاڻپ کانسواءِ ڪنهن مخصوص بيان بابت جواب نٿو ڏئي سگهجي. اياز لطيف پليجي چيو ته منهنجي ڪنهن به تقرير جو مقصد خوف، نفرت، تشدد يا انتشار پکيڙڻ نه رهيو آهي. منهنجون تقريرون هميشه شاگردن، هارين، مزدورن، عورتن ۽ نوجوانن ۾ شعور، اميد، جمهوريت، اتحاد، تعليم ۽ آئيني حقن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ هونديون آهن. مون ڪڏهن به تشدد يا ڪنهن غير قانوني عمل جي حمايت يا حوصلا افزائي ناهي ڪئي. هن چيو ته جيڪڏهن اين سي سي آءِ اي کي سندس ڪنهن تقرير يا بيان تي اعتراض آهي ته پهرين لاڳاپيل وڊيو، آڊيو، مڪمل ٽرانسڪرپٽ ۽ ٻيا ثبوت فراهم ڪيا وڃن ته جيئن  اصل تناظر ۾ جواب ڏئي سگهجي. اياز لطيف پليجي وڌيڪ چيو ته منهنجون سياسي سرگرميون ۽ اظهارِ راءِ آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 19 تحت حاصل بنيادي حقن جي دائري ۾ آهن. منهنجو يقين هڪ مضبوط، گڏيل ۽ پرامن سنڌ ۽ پاڪستان تي آهي. آئون ڪرپشن، بدانتظامي، انساني حقن جي ڀڃڪڙي، وسيلن جي ڦرلٽ ۽ سنڌ جي ورهاست جي هر منصوبي جو مخالف آهيان. هن الزام لڳايو ته اين سي سي آءِ اي جي انڪوائري مون کي هراسان ، خاموش ڪرائڻ ۽ سنڌ جي عوام خاص طور نوجوانن جي انساني، آئيني، سياسي ۽ بنيادي حقن لاءِ منهنجي جدوجهد کي روڪڻ جي ڪوشش آهي، تنهن هوندي به آئون قانون جي بالادستي تي يقين رکان ٿو ۽ هر قانوني سهڪار جاري رکندس.