سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه پاڪستان جي وحدت تي حملو آهي: جي يو آءِ

سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه پاڪستان جي وحدت تي حملو آهي: جي يو آءِ

سکر (بيورو رپورٽ) جمعيت علماءَ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ کي ورهائڻ جي هر سازش پاڪستان جي وحدت خلاف هڪ خطرناڪ حملو آهي، ۽ جيڪا به ڌر يا قوت اهڙي رٿ کي  آڻڻ جي ڪوشش ڪندي، ان جو سنڌي عوام هر محاذ تي سخت مزاحمت ڪندو، هن تنظيمي ڪارڪنن سان ڳالھائيندي اھڙو اظھار ڪيو. ھن چيو ته سنڌ جي وحدت، اين ايف سي ايوارڊ، ۽ نون صوبن جي سازشن خلاف ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيون ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڏاڏاين کي قبول نه ڪيو ويندو.وڌيڪ چيو ته سنڌ کي ورهائڻ جي هر ڪوشش دراصل پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ ۽ وفاق کي نقصان پهچائڻ برابر آهي. جيڪي ماڻهو نون صوبن جي نالي تي پاڪستان جي قومي وحدت سان کيڏڻ چاهين ٿا، تن کي سنڌ جو تاريخي ردعمل ياد رکڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ٻين صوبن جي تقسيم بابت ڪو بحث آهي ته اهو اتان جي ماڻهن کان پڇيو وڃي، پر سنڌ خلاف سازشن جو ايندڙ هر وار تباھ ڪن ثابت ٿيندو. هن چيو ته 28 هين ترميم يا ڪنهن به ٻي سازش تحت سنڌ جي ورهاست، دراصل پاڪستان جي ورهاست آهي.