خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي سينئر وڪيل ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ سيد جعفر علي شاهه ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته گذريل 78 سالن دوران ملڪ جي نظام کي نقصان پهچائيندڙن جي نشاندهي ڪرڻ بدران نون صوبن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، جيڪا مسئلن جو حل ناهي. هن چيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ صوبن بابت مختلف تجربا ڪيا ويا. 1947ع کان 1955ع تائين صوبا موجود هئا، جنهن کانپوءِ 1955ع ۾ ون يونٽ قائم ڪيو ويو، پر اهو تجربو ناڪام ثابت ٿيو ۽ 15 سالن بعد ٻيهر صوبا بحال ڪيا ويا. ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ سيد جعفر علي شاهه چيو ته سنڌ ڪو يتيم خانو ناهي، سنڌ سنڌي ماڻهن جي سرزمين آهي. ڪنهن به ٻاهرئين علائقي سان تعلق رکندڙ شخص کي اهو اختيار حاصل ناهي ته هو سنڌ جي ورهاڱي يا نون صوبن بابت فيصلا ڪري. هن چيو ته سنڌ بابت فيصلا صرف سنڌ جو عوام ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جا خالق صوبا آهن، تنهنڪري صوبن کي ٽڪرن ۾ ورهائڻ واري سوچ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪندڙ پاڪستان ۽ سنڌ ٻنهي جا دشمن آهن. ايڊووڪيٽ سيد جعفر علي شاهه ٻڌايو ته سنڌ بار ڪائونسل جي 12 ميمبرن چيئرمين وٽ رڪيوزيشن جمع ڪرائي آهي، جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته پاڪستان ۽ سنڌ خلاف هلندڙ مبينا سازش بابت ايمرجنسي بنيادن تي سنڌ بار ڪائونسل جو اجلاس فوري طور طلب ڪيو وڃي.