سنڌ وري ڌاڙيل اسٽيٽ بڻجڻ لڳي، 4 ٻارن سوڌو 40 ڄڻا باندي بڻيل، ڪروڙين رپيا ڀنگ طلب، پوليس بيوس

مَي 31, 2023

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ اغوا جي واقعن ۾ واڌ بعد 4 ٻارڙن ۽ هڪ عورت سميت 53 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل آهن جن جي بازيابي لاءِ ڪروڙين رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

 پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي. سڀ کان وڌيڪ 34 ماڻهو ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ڪيا ويا آهن

مليل اطلاعن موجب ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ ضلعي مان 5 مهينن دوران لڳ ڀڳ 250 ماڻهو اغوا ٿيا, هن وقت ضلعي اندر اغوا ٿيلن جو انگ 34 ٻڌايو پيو وڃي. ڪنڌڪوٽ شهر جا 9 مغوي هن وقت ڌاڙيلن جي چنبي ۾ آهن

هي به پڙهندا

 اغوا ٿي ويلن ۾ 10 سالن جو واجب گولو، مزار گولو، محمد عظيم ميڻڪ، نازيا کوسو، نينگري ڪوثر کوسو، جمشيد احمد ملڪ، قاسم، ظفر ۽ ٻيا شامل آهن، جيڪي ڪچي واري مان اغوا ٿي ويل مچي ۾ اڄ به 3 گلن جهڙا معصوم ٻارڙا ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن. انهن ۾ 3 ٻارڙا محمد عظيم ميڻڪ، واجب علي گولو ۽ معصوم ڪوثر کوسو آهن، مغوي وڪيل مزار گولو ۽ سندس معصوم پٽ واجب گولو جي آزادي عيوض ڌاڙيلن هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪيو آهي

ڪرمپور شهر ۾ گرڊ اسٽيشن تان هٿياربند سيپڪو ملازم جميل ٻرڙو ۽ آصف آرائين کي اغوا ڪيو ويو. ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد انڊس هاء وي تي ڌاڙيل مزداڪلينر امير بخش ملڪ کي قتل ڪري ڊرائيور عبدالرشيد ملڪ کي اغوا ڪري ويا

ڪرمپور ٿاڻي جي حد مان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل ڪاسائي نورالدين بهلڪاڻي لاءِ ڌاڙيلن 30 لک ڀنگ طلب ڪيو آهي. ڪشمور مان کير وڪرو ڪندڙ پورهيت محمد امين چاچڙ، غفار چاچڙ، ناديا ڪلھوڙو، گڊو مان ٽرالر ڊرائيور واحد بخش بروهي محمد حنيف لڙڪو ۽ ٻيا اغوا آهن

ڪجهه وقت اڳ معصوم نينگر حسن دستي کي 18 لک ڀنگ ڀري وارثن آزاد ڪرايو، ڪشمور جي نائچ ڳوٺ مان اغوا ٿي ويل اقبال نائچ کي 25 لک ڀنگ ڀري آزاد ڪرايو ويو

قمبر جي ڳوٺ ميڻا جو رهواسي نوجوان پورهيت محمد يوسف گراماڻي 25 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب ٿي نه سگهيو آھي ڌاڙيلن طرفان فون ڪري سندس بازيابي لاء 40 لک روپيا ڀنگ گهريو ويو آھي

 شڪارپور ضلعي جا 5 رهواسي به اغوا آهن. خانپور واسي ابراھيم، عبدالرحيم جعفري، مدئجي واسي احمد علي ۽ محمد علي دل ڪراچي مان اغوا ٿي ويل رستم واسي خالد ڀيو بدستور ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، ابراھيم ۽ عبدالرحيم جعفري جي وارثن کان 20,20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آھي، خالد ڀيو جي وارثن کي ڌاڙيلن فون ڪري 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آھي

 ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ نڀوڙو ڀٽي واسي پورھيت غلام مرتضيٰ ڀٽي پنوعاقل مان اغوا ڪري وارثن کان 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي.  سندس والد غلام مصطفي ڀٽي ٻڌايو ته مھينو اڳ منھنجو پٽ غلام مرتضي ڀٽي مھينو اڳ فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ لا۽ پنوعاقل ويو ھو  پر ھفتو اڳ اسان کي موبائل ڪال آئي انھن نوجوان جي بازيابي لا۽ 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آھي نه ڏيڻ جي صورت ۾ نوجوان کي نقصان پھچائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن

 حيدرآباد مان واپس ايندي هالا شھدادپور مُک روڊ ڳوٺ شاھ محمد ڏاهري وٽ 5 اڻڄاتل هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل شھدادپور جي هرداس پور پاڙي واسي 22 ورهين جي احسن لاشاري واري واقعي کي 8 ڏينهن گذري ويا، سندس بازيابي عمل ۾ نه اچڻ سبب گهر ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي. ڀنگ لاءِ وارثن سان رابطو به نه ڪيو ويو آهي

 مغوي جي والد راجا لاشاري موجب ڀُنگ لاءِ ساڻس ڪوبه رابطو ناهي ڪيو ويو جيڪڏهن ڀُنگ جو مطالبو ڪيو ويو ته پنهنجي حيثيت مطابق ڀُنگ ڏئي ٻچي کي آزاد ڪرائندس. پنوعاقل جي دادلوءِ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿيل ٽنڊوباگو واسي چوڪيدار امام ڏنو ملاح جي بازيابي لاءِ وارثن 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آھي

 بدين ضلع مان آغوا ٿيل ٽي ڄڻا آزاد نه ٿيا ڌاڙيلن پاران ٻه ڪروڙ ويھ لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي، دمبالو جي ڳوٺ ڪرڙ پنھور جي رھواسين ارباب ۽ امير پنھور ٻه مھينا اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي گھوٽڪي پھتا جتان ڌاڙيل کين آغوا ڪري ويا ۽ ھڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

 لواري شريف ڀرسان ڳوٺ عمر خاصخيلي جي رھواسي اڪبر خاصخيلي کي به گھوٽڪي جي ڌاڙيلن آغوا ڪري ھڪ ڪروڙ 20 لک ڀنگ طلب ڪيو آھي

 ھنگورجا جي ڳوٺ موريل ڀٽو واسي معصوم ٻالڪ جعفر ڀٽو، گهوٽڪي ضلعي جي شهر سرحد مان 2 هفتا اڳ ڪچي طرف ويندي اغوا ٿي ويل مغوين رحمت سومرو ۽ عادل سميجو جي بازيابي لاء ڌاڙيلن پاران 50 لک ڀُنگ طلب ڪيو ويو آھي. جڏهن ته ٻين شهرن مان به 15 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿيڻ جا اطلاع آهن

Leave A Comment