| سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ اعتراضن باوجود اربين رپين جا منصوبا شروع ڪرڻ جو انڪشاف |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ اڳوڻي سيڪريٽري پاران شروع ڪرايل اربين روپين جا منصوبا تڪراري قرار، عورت ورڪرن لاءِ 10 هزار اِي بائيڪ خريد ڪرڻ وارو 3 ارب روپين جو منصوبو، ايڪسيڊنٽل هيلٿ وارو 8 ارب روپين جو منصوبو اڳوڻي سيڪريٽري رفيق قريشي ۽ اڳوڻي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم پاران بورڊ ميمبرن جي اعتراضن باوجود شروع ڪرڻ جو اسڪينڊل ظاهر، ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي 35هين اجلاس ۾ ڄاڻايل منصوبا تڪراري قرار، اِي بائيڪ جي خريداري ۽ ايڪسيڊنٽل هيلٿ انشورنس منصوبي لاءِ ادائگي به ٿي وئي، تڪراري منصوبا واپس وٺڻ ۽ معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ليبر کاتي جي اختيارين پاران اڳوڻي سيڪريٽري رفيق قريشي ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شاهد عبدالسلام ٿهيم جي دور ۾ سال 2025ع ۾ شروع ڪيل اربين روپين جا منصوبا ادائگيون ٿيڻ باوجود واپس ڪرائڻ ۽ معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ته 2 ڏينهن اڳ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي 35هين اجلاس ۾ اربين روپين جي شروع ڪيل منصوبن کي تڪراري قرار ڏيندي اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. اڳوڻي سيڪريٽري جي دور ۾ يعني گذريل سال مزدورن جي ايڪسيڊنٽل هيلٿ انشورنس واري پاليسي شروع ڪرائڻ لاءِ گورننگ باڊي جي ميمبرن جي اعتراضن باوجود 8 ارب روپين جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو، ذريعن موجب ته ايڪسيڊنٽل هيلٿ انشورنس واري منصوبي تي گورننگ باڊي جي ميمبرن پاران ان وقت اعتراض ڪندي چيو ويو هو ته مزدورن جي صحت بابت ليبر کاتي جو ادارو سيسي موجود آهي، ورڪرز ويلفيئر بورڊ وٽ مزدورن جي علاج ۽ صحت بابت ميڊينٽ ئي ناهي. پر ان باوجود اهو منصوبو شروع ڪيو ويو هو. جنهن کي 35هين بورڊ جي اجلاس ۾ تڪراري منصوبو قرار ڏنو ويو آهي. اهڙي طرح ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي 2 ڏينهن اڳ ٿيل اجلاس دوران اڳوڻي سيڪريٽري رفيق قريشي جي مقرري واري دور ۾ عورت ورڪرن لاءِ 10 هزار اِي بائيڪ خريدڻ وارو 3 ارب روپين جو منصوبو پڻ تڪراري قرار ڏيندي واپس ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ته اِي بائيڪ خريدڻ لاءِ ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي اختيارين پاران رقم به جاري ٿي چُڪي آهي.
| مزدورن لاءِ ڊيٿ ۽ شادي گرانٽ ۾ وڏي واڌ ڪرڻ جو اعلان |
ڪراچي: مزدورن جي ڊيٿ گرانٽ 7 لک روپين مان وڌائي 10 لک روپيا ۽ شادي گرانٽ 2 لک روپين مان وڌائي4 لک روپيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي گورننگ باڊي جي منظوري بعد صوبائي وزير سعيد غني اعلان ڪيو آهي ته مزدورن جي ڊيٿ گرانٽ 7 لک روپين مان وڌائي 10 لک روپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شادي گرانٽ 2 لک مان وڌائي 4 لک روپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي۔ هن چيو ته ته مزدورن جي حقن تي ڪنهن به صورت سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ ماضي يا حال ۾ ٿيندڙ ڪنهن به ناانصافي کي قبول نه ڪيو ويندو۔
ڊجيٽلائيزيشن نالي شروع ڪيل 3 ڪروڙ جو منصوبو 45 ڪروڙ تائين پهچي ويو
ڪراچي: ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ ڊجيٽلائيزيشن جي نالي تي 3 ڪروڙ جو شروع ڪيل منصوبو وري 45 ڪروڙ روپين تائين پهچي ويو، 15 ڪروڙ روپين تائين ادائگي به ٿي وئي! ڊجيٽلائيزيشن وارو ڪم ڪٿي نظر ئي نه ٿو اچي. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي اڳوڻي سيڪريٽري ۽ وزير جي دور ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو منصوبو 3 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان شروع ڪيو ويو هو. جيڪو 45 ڪروڙ روپين تائين پهچي ويو آهي. ذريعن موجب ته ڊجيٽلائيزيشن واري منصوبي جي 15 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ ادائگي به ٿي چُڪي آهي.