| سنڌ ورڪرز ويلفيئر بورڊ ۾ بنا ٽيسٽ 500 ڀرتين جو انڪشاف: چيئرمين ۽ سيڪريٽري طلب |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2021 کان 2026ع دوران ٿيل ڀرتين خلاف داخل درخواست تي ورڪرز ويلفيئر بورڊ جي چيئرمين، سيڪريٽري ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 18 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو, درخواستگذار موجب 2021 کان 2026ع دوران 500 کان وڌيڪ ڀرتيون ڪيون ويون، انهن خالي جاين لاءِ قانون موجب اشتهار جاري ڪرڻ لازمي هو پر انهي تي عمل نه ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته نئين ڀرتين لاءِ لکت ٽيسٽ ۽ انٽريو وٺڻ لازمي هوندا آهن پر بورڊ انتظاميا اميدوارن کان ٽيسٽ به نه ورتي، هن استدعا ڪئي آهي ته بورڊ ۾ ٿيل سموريون ڀرتيون غيرقانوني قرار ڏئي رد ڪيون وڃن.