سنڌ وطن آهي …..

سنڌ جي حوالي سان ڀارتي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگھ جي ڏنل بيان تي سنڌ سميت سڄي ملڪ مان رد عمل اچي رهيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۽ سنڌ اسيمبليءَ طرفان ڀارتي دفاع واري وزير جي بيان خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي. پاڪستان راج ناٿ سنگهه جي بيان کي فريب قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو “توسيع پسند ذهنيت” جو عڪاس آهي۔ پرڏيهي کاتي راج ناٿ سنگھ ۽ ٻين ڀارتي اڳواڻن تي زور ڀريو ته اهي چڙ ڏياريندڙ بيان بازيءَ کان پاسو ڪن۔ “ڀارتي اڳواڻن کي اهڙي اشتعال انگيز بيان بازي کان بچڻ گهرجي، جيڪا علائقي جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو بڻجي سگهي ٿي۔ ڀارتي حڪومت لاءِ وڌيڪ تعميري اهو ٿيندو ته اها پنهنجي شهرين، خاص طور تي ڪمزور اقليتي برادرين جي سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏئي۔”

ڀارتي دفاع واري وزير راج ناٿ سنگهه پاران تازو ڏنل اهو بيان، جنهن ۾ سنڌ کي ڀارت جو حصو قرار ڏيڻ يا ان بابت دعويداري ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، نه صرف بي بنياد آهي، پر خطي ۾ اجائي ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جي واضح ڪوشش به آهي. اهڙي قسم جي ڳالهه نه تاريخي حقيقتن سان ٺهڪي اچي ٿي، نه ئي اخلاقي ۽ سفارتي رواجن سان. سياسي نفاست ۽ پاڙيسري ملڪن جي احترام جي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ سطح هئڻ گهرجي، اهو بيان انهن سڀني اصولن کي لتاڙي، هڪ نئون تڪراري بحث پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آهي. ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته، سنڌ هزارين سالن کان پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجي ڌرتي، پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجي تاريخ سان مُڪمل هڪ وحدت رهي آهي. سنڌ جي پنهنجي حڪومت رهي آهي، پنهنجا حڪمران رهيا آهن ۽ پنهنجي ثقافتي عظمت دنيا آڏو آشڪار آهي. سنڌ جي تهذيب قديم سنڌو ماٿري جي تهذيب آهي ۽ سنڌي سماج جا ڪيترائي سياسي، سماجي ۽ علمي حوالا هن ڌرتيءَ جي جدا حيثيت کي ثابت ڪن ٿا. تاريخ جو ڪو به دور اهڙو ناهي، جتي سنڌ کي ڀارت جو سياسي جزو مڃيو وڃي. ان جي ابتڙ، سنڌ خودمختيار ملڪ جي صورت ۾ موجود رهي آهي، جنهن جي سرحدن ۽ سياسي انتظامن جو ذڪر عرب، فارس، چين ۽ يونان جي تاريخي ذريعن ۾ به صاف لفظن ۾ ملي ٿو.

ڀارت جي ڪنهن به ذميوار منصب تي ويٺل شخص کي اهو نٿو جڳائي ته هو تاريخ کي غلط رنگ ڏئي يا اهڙا جملا چئي حقيقتن کي ميسارڻ جو ڪوشش ڪري. جڏهن اهڙي بيان جو ذريعو ملڪ جو دفاع وارو وزير هجي، تڏهن اهڙي ڳالهه نه صرف سياسي بي واجبي آهي، پر سفارتي غير ذميواري به آهي. دنيا اڄ جي دور ۾ خطي جي امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي کي اوليت ڏئي رهي آهي، جڏهن ته اهڙا غير ذميواراڻا بيان خطي ۾ بدگماني، ڇڪتاڻ ۽ بي اعتمادي وڌائڻ جو سبب بڻجن ٿا. سنڌ جي تاريخي حيثيت بابت تحقيق ۽ حوالا واضح آهن. عرب آيا، ايراني آيا، وچ ايشيا جون قوتون آيون، پر سنڌ پنهنجي الڳ تشخص سان موجود رهي. هتي صوفين، فلاسفرن، دانشورن ۽ مدبرن پنهنجي ڌرتيءَ جي آزادي، وقار ۽ سماجي وحدت کي هميشه اوليت ڏني. اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ‘سنڌ’ صرف نقشو يا جاگرافيائي حد ناهي، پر هزارين سالن جي تهذيب ۽ قومي وجود جو نالو آهي. ان کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي ‘قدرتي حصي’ طور پيش ڪرڻ نه صرف تاريخي ناانصافي آهي، پر سنڌي قوم جي جذبات جي توهين پڻ آهي.

ڀارتي وزير جو بيان ان خطي جي تاريخي حقائق کان اڻڄاڻ هجڻ جو نتيجو هجي يا ڪنهن سياسي مقصد تحت ڏنو ويو هجي، ٻنهي صورتن ۾ اهو ناقابل قبول آهي. اهڙا بيان سرحدي احترام کي مجروح ڪن ٿا ۽ خطي ۾ جنگي سوچ کي هٿي ڏين ٿا. جيڪڏهن ڀارت واقعي کليل ذهن سان سفارتي روايتن کي اڳتي وڌائڻ چاهي ٿو ته کيس پنهنجي ادارن، وزيرن ۽ ذميوارن کي اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ سيکارڻ گهرجي، جيڪي پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپن کي نقصان پهچائين. سنڌ هميشه رواداري، صلح پسندي، زنده دل ثقافت ۽ انسان دوست روايتن جو مرڪز رهي آهي. پر اهو به واضح آهي ته سنڌ پنهنجي تاريخي وجود ۽ سڃاڻپ تي ڪابه ڌمڪي برداشت نٿي ڪري سگهي. ڪنهن به طاقت، ملڪ يا وزير جو بيان سنڌ جي تاريخ کي بدلائي نٿو سگهي.

اسان سمجهون ٿا ته اهڙا بيان خطي جي امن لاءِ خطرو آهن ۽ عالمي برادري کي لازمي طور تي اهڙين ڳالهين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. گڏوگڏ، پاڪستاني سياستدانن، اسڪالرن ۽ سفارتي حلقن کي پڻ گهرجي ته هو تاريخي حوالن ۽ علمي دليلن سان ڀارت جي اهڙين غلط دعوائن کي بي نقاب ڪن. سنڌ ڪنهن به دور ۾ ڀارت جو حصو نه رهي آهي، ۽ اهڙيون ڳالهين کي بار بار چئي، سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ بي معنيٰ آهي. آخر ۾ ايترو چونداسين ته سنڌ هڪ ڌرتيءَ جو نالو ناهي ــ اها قوم، تاريخ، تهذيب ۽ سڃاڻپ جو نالو آهي. ڀارتي وزير جو بيان ان سڃاڻپ سان ٺٺول آهي، جنهن کي سنڌي قوم شدت سان رد ڪري ٿي. تاريخ کي مسخ ڪرڻ بدران ان مان سکڻ گهرجي، جيئن خطي جا ملڪ امن، گڏيل احترام ۽ برابر سرحدي لاڳاپن سان اڳتي وڌي سگهن. خطي جي سڪون لاءِ ضروري آهي ته غير ذميوارا بيان بند ٿين ۽ تاريخي حوالن کي سياست جو کاڄ نه بڻايو وڃي.