سنڌ يونيورسٽي آخري سال جي شاگردن جي ڊگري شو نمائش

سنڌ يونيورسٽي آخري سال جي شاگردن جي ڊگري شو نمائش

ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن ۾ فائن آرٽس، ٽيڪسٽائيل ڊزائن ۽ ڪميونيڪيشن ڊزائن جي آخري سال جي شاگردن جي ڊگري شو نمائش لڳائي وئي، نمائش جو افتتاح سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري، سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بيبي، انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جي ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد منگي گڏجي ڪيو. پراجيڪٽس تيار ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري سوڌو ڏسندڙن کي پنهنجي پراجيڪٽس بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري خطاب ڪندي چيو ته مون ملڪ جي وڏن وڏن آرٽ جي ادارن کي گهمي ڏٺو آهي، پر پنهنجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي هن انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ڪم انتهائي نفيس ڏٺو آهي، جيڪو عالمي سطح جو معياري ڪم آهي، هونئن به سنڌ يونيورسٽي اهڙي سنگم تي جڙيل آهي جنهن جو معيار ئي پنهنجو آهي، تقريب کي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جي استادن سبين نعيم شيخ، نعمت خلجي، ڊاڪٽر حسام ميراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. نمائش ۾ ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو، ڊاڪٽر ذوالفقار لغاري، ڊاڪٽر خالد لاشاري، نادر مغيري، رفيق بروھي، ايڇ ايم چانڊيو سوڌو انسٽيٽيوٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. نمائش ۾ ملڪ جي نالي واري راڳي فهيم علڻ فقير، فراز ڀلائي، جواد مڱريو، عائشا کوهارو توڙي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊزائن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين گروپ جي شڪل ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري خوب داد ماڻيو.