سنڌ يونيورسٽي جو ليڪچرار آچر آريجو پراسرار نموني گم: ڄامشورو ٿاڻي تي رپورٽ

آگسٽ 4, 2023

ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي شعبي بايو ڪيمسٽري جو ليڪچرار آچر آريجو پرسرار نموني گم ٿي ويو آهي وارثن ڄامشورو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي

تفصيل موجب سنڌ يونيورسٽي هائوسنگ سوسائٽي فيز 2 جو رهواسي استاد محمد آچر آريجو جو گذريل پنج ڏينهن کان پتو نه پئجي سگهيو

ليڪچرار محمد آچر آريجو جي ڀاءُ ڊاڪٽر نياز حسين آريجو ڄامشورو ٿاڻي تي سندس گمشدگي جي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آهي

داخل ڪرايل اين سي ۾ ڊاڪٽر نياز حسين آريجو موقف اختيار ڪيو آهي ته  ڀاءُ سومر ڏهاڙي گهران نڪتو جنهن بعد واپس نه وريو آهي

سندس چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، پوليس ۽ حڪومت ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪن

Leave A Comment