سنڌ يونيورسٽي جي هڪ ٻي شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

سنڌ يونيورسٽي جي هڪ ٻي شاگردياڻي کي هراسان ڪرڻ جو انڪشاف

ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي ڊي پي ٽي جي شاگردياڻيءَ کي هراسان ڪرڻ ۽ مٿس تشدد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، شاگردياڻي مستجاب ڄامشورو جي بي سيڪشن ٿاڻي پهچي ڪيس داخل ڪرائيندي چيو آهي ته انگريزي شعبي جو پاس آئوٽ حيدرآباد واسي شخص مٿس نه رُڳو زبردستي واسطو رکڻ لاءِ زور ڀري رهيو آهي پر واسطو رکڻ کان انڪار ڪرڻ تي مٿس تشدد پڻ ڪيو ويو آهي، شاگردياڻي انڪشاف ڪيو آهي ته ڄاڻايل شخص يونيورسٽيءَ اچي شاگردياڻين کي حراسان ڪري ٿو، مٿس ڪيتريون ئي ڪمپلينيون درج ٿيل آهن، ان شخص سندس فيملي کي به حراسان ڪيو آهي، هاڻي اهو شخص ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته هو کيس گوليون هڻندو يا مٿس تيزاب اڇلائيندو، شاگردياڻي جي اهڙي شڪايت بعد ڄامشورو ڪيس داخل ڪري حيدرآباد واسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.