سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل لا ڪاليجن ۾ ٽيسٽ کانسواءِ داخلائون، رشوت وٺڻ جو انڪشاف، رڪارڊ ضبط

سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل لا ڪاليجن ۾ ٽيسٽ کانسواءِ داخلائون، رشوت وٺڻ جو انڪشاف، رڪارڊ ضبط

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي جي ايل ايل بي جي ٽن ۽ پنجن سالن واري پروگرام ۾ داخلائن توڙي نتيجن ۾ جعلسازي، منظور شده سيٽ ايلوڪيشن سيٽن کان وڌيڪ انرولمينٽ ڪارڊ جاري ڪرڻ واري معاملي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جاچ ڪاميٽي رڪارڊ ضبط ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ته سنڌ يونيورسٽي سان لاڳاپيل لا ڪاليجن ۾ 2020ع کان هينئر تائين داخلائن ۾منظور ٿيل سيٽن امتحانن ۾ ويٺل شاگردن ۽ لا ايڊميشن ٽيسٽ کانسواءِ داخلا ڏيڻ بابت سنگين بي ضابطگين جا انڪشاف سامهون آيا آهن، ذريعن موجب ڪيترن ئي ڪاليجن ۾ بغير لا ايڊميشن ٽيسٽ شاگردن کي داخلا ڏئي انهن جا انرولمينٽ ڪارڊ جاري ڪري امتحان پڻ ورتا ويا جڏهن ته ان عمل ۾ وڏي پيماني تي رشوت وٺڻ پڻ انڪشاف ٿيو آھي، ذريعن ٻڌايو ته جاچ ڪاميٽي 2020ع کان لاڳاپيل سيڪشنن جن ۾ انسپيڪٽر ڪاليجز، جنرل برانچ، ڪنٽرولر سيمسٽر آفيس ۽ ڪنٽرولر ساليانا سان لاڳاپيل رڪارڊ شامل آهي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ابتدائي ڄاڻ موجب سون جي تعداد ۾ اهڙيون داخلائون ڪيون ويون جيڪي اڪيڊمڪ ڪائونسل، بار ڪائونسل ۽ سينڊيڪيٽ جي منظوري کان بغير هيون، جڏهن ته ڪيترن ئي ڪاليجن ۾ الاٽ ڪيل سيٽن کان وڌيڪ شاگرد داخل ڪيا ويا، انسپيڪٽر ڪاليجز آفيس جي آفيشل اڪائونٽس ۾ پڻ مبينا طور رشوت جا لکين رپيا مبينا جمع ڪرايا ويا جيڪي بعد ۾ ڪڍرايا ويا جاچ جي خوف سبب مبينا طور ڪنٽرولر سيمسٽر جنهن وٽ غير قانوني طور عدالتي تازي حڪم مطابق ڀڃڪڙي طور انسپيڪٽر ڪاليجز اضافي چارج به مليل آهي جنھن 8 لک رپين جو چيڪ ڊائريڪٽر فنانس کي تازو واپس ڪيو ان سلسلي ۾ ڪنڊيارو لا ڪاليج جي شاگرد سرفراز احمد پاران هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ داخل ڪيل آئيني پٽيشن (CP No.47/25) ۾ اڳوڻي وائيس چانسلر، رجسٽرار، ڪنٽرولر سيمسٽر، ڊپٽي رجسٽرار جنرل ۽ انسپيڪٽر ڪاليجز کي ڌر بڻايو ويو هو، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته ڪيترن ئي شاگردن کان پئسا وٺي بغير ٽيسٽ جي داخلا ڏئي امتحان ورتا ويا جن ۾ ٻين صوبن خاص طور پنجاب سان واسطو رکندڙ شاگرد پڻ شامل هئا، ذريعن موجب 9 اپريل 2025ع تي مقرر ٻڌڻي کان اڳ مبينا طور لاڳاپيل عملدار درخواستگذار سان رابطو ڪري کيس ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ راضي ڪيو جنهن کانپوءِ معاملي تي وڌيڪ سوال اٿيا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته انڪوائري ۾ موجوده ۽ اڳوڻا ڪيترائي عملدار ملوث آهن جن کي بااثر ڌرين جي سرپرستي حاصل آهي ۽ هاڻوڪي جاچ تي به اثرانداز ٿيڻ جون ڪوششون جاري آهن، ياد رهي ته اهڙي نوعيت جا ڪيس اڳ به سامهون اچي چڪا آهن ۽ ڪجهه آفيسرن خلاف اينٽي ڪرپشن عدالتن ۾ ڪيس هلندڙ آهن، سنڌ بار ڪائونسل ۽ پاڪستان بار ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث ڌرين خلاف اينٽي ڪرپشن ۽ نيب عدالتن ۾ ڪارروائي ڪرائي وڃي ته جيئن تعليمي ادارن کي ڪرپشن کان بچائي سگهجي.