سنڌ يونيورسٽي مالي خساري جو شڪار: آمدني وڌائڻ لاءِ مادر علمي جي زمين استعمال ڪرڻ جو اشارو

سنڌ يونيورسٽي مالي خساري جو شڪار: آمدني وڌائڻ لاءِ مادر علمي جي زمين استعمال ڪرڻ جو اشارو

ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مسلسل مالي خساري جي ور چڙهيل آهي، جڏهن ته انتظاميا آمدني وڌائڻ لاءِ يونيورسٽيءَ جي زمين کي استعمال ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سينڊيڪيٽ جو 211هون اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مريءَ جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ گذريل سال جي بجيٽ ۽ سينڊيڪيٽ جي 210هين اجلاس جي منٽس جي منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ مختلف شعبن ۾ چيئرمين مقرر ڪرڻ سميت وائيس چانسلر پاران کنيل قدمن جي به منظوري ڏني ويئي. اجلاس ۾ اڪيڊمڪ ڪائونسل جي 45هين اجلاس جا منٽس به منظور ڪيا ويا. سنڌ يونيورسٽي سينڊيڪيٽ ٻن لا ڪاليجن کي ڪم ڪرڻ جي مشروط اجازت ڏيندي ٽن ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامن ۽ الحاق جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ گذريل مالي سال 25-2024ع ۽ هلندڙ مالي سال 26-2025ع جي بجيٽ، آمدني ۽ خرچن جا تفصيل پڻ پيش ڪيا ويا. ڊائريڪٽر فنانس ذيشان احمد ميمڻ سينڊيڪيٽ ميمبرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران مالي سال 25-2024ع ۾ 1823.991 ملين رپيا گرانٽ ڏني ويئي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال 26-2025ع لاءِ 1769.786 ملين رپيا گرانٽ ڏني آهي. هن ٻڌايو ته صوبائي حڪومت گذريل سال جي 2964 ملين رپين جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال 3408.600 ملين رپيا گرانٽ ڏني، جنهن تي وڏي وزير، سنڌ هيڪ جي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين جا ٿورائتا آهيون.  ڊائريڪٽر فنانس ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي پنهنجن وسيلن سان گذريل سال 3804.791 ملين رپيا آمدني رهي، جڏهن ته هلندڙ سال اها آمدني گهٽجي 3279.891 ملين رپيا رهي. يونيورسٽي آمدنيءَ ۾ گهٽتائي انڪري ٿي ته ميرپورخاص ڪئمپس الڳ يونيورسٽي بڻجي ويو. ڊي ايف ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال دوران بجيٽ ۾ ٽوٽل خسارو 468.096 ملين رپيا رهندو، جيڪا گذريل مالي سال جي 244.826 جي ڀيٽ ۾ 271.928 ملين رپيا آهي. هن چيو ته يونيورسٽيءَ جي زمين جو صحيح استعمال ڪري آمدني وڌائڻ چاهيون ٿا ته جيئن يونيورسٽيءَ مان فيس نه هئڻ سبب هر سال شاگردن جي ٿيندڙ ڊراپ آئوٽ کي روڪي سگهون