| سنڌ يونيورسٽي ۾ ايل ايل بي جون پراڻي تاريخن سان نيون داخلائون، 3 سالن جا پيپر سال ۾ وٺڻ جو انڪشاف |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي ۾ 3 سالن واري ايل ايل بي پروگرام بابت سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي واضح حڪمن جي مبينا ڀڃڪڙي ۽ وڏي پيماني تي بي ضابطگين جا انڪشاف سامهون اچي ويا ذريعن موجب عدالتي حڪمن ۽ پاڪستان بار ڪائونسل تحت صرف انهن شاگردن کي هڪ آخري موقعو ڏيڻ جي اجازت هئي، جيڪي اڳ ۾ داخل ٿيل هجن ۽ هلندڙ پروگرام دوران فيل ٿيا هجن پر يونيورسٽي انتظاميا پاران مبينا طور ان حڪم کي نظرانداز ڪندي پراڻين تاريخن سان نيون داخلا ڏيکاري سوين شاگردن کان ٽنهي سالن جون فيسون وٺي کين ھڪ سال ۾ غيرقانوني طور امتحانن ۾ ويهاريو ويو، ان سموري عمل ۾ سنڌ يونيورسٽي جي رجسٽرار، ڊپٽي رجسٽرار جنرل ۽ ڪاليج سائيڊ جي سالياني ڪنٽرولر تي سنگين الزام لڳايا پيا وڃن ته انهن مبينا طور جعلسازي ذريعي شاگردن کي رشوت عيوض داخلا ڏئي ٽنهي سالن جا امتحان هڪ ئي وقت ۾ ورتا جيڪو سپريم ڪورٽ ۽ پاڪستان بار ڪائونسل جي پاليسين جي کليل ڀڃڪڙي آهي ذريعن هڪ مخصوص ڪيس جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته ايم اي سي پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج سائيڊ سان لاڳاپيل شاگرد شاهزيب علي ولد عباس علي سيد (سيشن 2k19) جو نتيجو 20 جون 2025 تي جاري ٿيو جنهن ۾ پيپر نمبر 4 ۾ فيل ۽ پيپر نمبر 5 ۾ صرف 46 مارڪون هيون. الزام آهي ته ان شاگرد کي پاس ڪرائڻ لاءِ رجسٽرار آفيس مان خط نمبر SU/G/0321 تحت جولاءِ 2025 ۾ خاص امتحاني سلپ جاري ڪئي وئي جنهن ۾ صرف پيپر نمبر 4 ۾ ويهڻ جي اجازت ڏني وئي حيرت انگيز طور 17 جولاءِ 2025 تي جاري ٿيل نتيجن ۾ ڄاڻايل شاگرد کي پيپر نمبر 4 ۾ 86 مارڪون ڏنيون ويون جڏهن ته پيپر نمبر 5 جنهن لاءِ نه ڪو امتحان ورتو ويو ۽ نه ئي اجازت ڏني وئي هئي ان ۾ به غيرقانوني طور 85 مارڪون ڏيکاريون ويون جنهن سان شاگرد کي سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ڪيو ويو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ڄاڻايل شاگرد داخلا کان وٺي امتحاني مرحلي تائين ملڪ کان ٻاهر رهيو، ڄاڻايل اميدوار جو انرولمينٽ ڪارڊ (نمبر D/1490) 3 مئي 2022 تي جاري ڪيو ويو جنهن کي پڻ شڪي قرار ڏنو پيو وڃي. تعليمي ۽ قانوني ماهرن هن معاملي کي انتهائي سنجيده قرار ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن اهي الزام ثابت ٿيا ته نه صرف سنڌ يونيورسٽي جي ساک کي سخت نقصان پهچندو پر قانوني تعليم جو سڄو نظام به سوال هيٺ اچي ويندو. هنن اعليٰ اختيارين، هاءِ ايجوڪيشن ڪميشن، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ عدليه کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جي شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي پاسي شاگردن وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن ۾ سخت بيچيني پکڙجي وئي آهي.