سنڌ ٽري ويل طوفان مان ڇا سکيو؟

جُولاءِ 3, 2023

                 ٻه هفتا کن اڳ سنڌ جي سامونڊي ڪنڌيءَ سان هڪ طوفان ٽڪرائجڻ کان اڳ پاسو ڪري ويو. جيئن ته آفت ٽري وئي ۽ ڪو وڏو نقصان نه ٿيو، تنهنڪري ٻن چئن ڏينهن کانپوءِ ان جو ذڪر به ختم ٿي ويو. لکين ماڻهن کي ڏهڪاءُ ڀريا اوجاڳا ڏيندڙ اهو طوفان گهڻو ڪجهه سيکارڻ لاءِ ڇڏي ويو، جنهن تي هاڻي ڪوبه ويچار ۽ ڳالهه ٻولهه نه پئي ٿئي. دراصل آفتون (قدرتي توڙي انساني، آسماني توڙي زميني) جڏهن سانحا آڻينديون آهن ته انيڪ اذيتن سان گڏ ڪيترائي سبق به ڇڏي وينديون آهن.

                 1999ع ۾ به هڪ ساڳي شدت ۽ بيهڪ وارو طوفان ان خطي ۾ تباهي مچائي ويو هو. لڳ ڀڳ پاءُ صديءَ کانپوءِ آيل هن طوفان سان به تباهي اچي پئي سگهي پر شايد جاني نقصان ايترو شديد نه ٿئي ها. هن ڀيري ٻه ڳالهيون اڳي کان بهتر نظر آيون: هڪ ته، طوفان بابت اڳواٽ مهلائتو چتاءُ ڏنو ويو. موسميات وارو کاتو لڳاتار طوفان جي چرپر، ان جي شدت ۽ ٿيڻ جوڳن اثرن بابت ڄاڻ جاري ڪري رهيو هو. اهو ئي سبب آهي جو حڪومت کي سامونڊي پٽيءَ جا طوفان، جي منهن ۾ ايندڙ علائقا خالي ڪرائڻ جو اندازو ٿي ويو هو. نتيجي ۾ ٻن ڏينهن اندر سرڪاري انتظاميا 70 کان 80 هزار ماڻهن کي محفوظ ماڳن ڏانهن لڏائي ورتو. سنڌي جي اترئين علائقن جي غربت گذريل سال ٻوڏن ۾ دنيا، ٽي وي چئنلز وسيلي ڏٺي هئي. هن ڀيري ٽي وي چئنلز تان ڪيٽي بندر ۽ ڀرپاسي جي علائقن مان لڏپلاڻ جي ڪوريج دوران دنيا سنڌ جي ساحلي پٽيءَ جي غربت جا ڏيک به ڏٺا. ڪيٽي بندر، شاهبندر، جاتي، چوهڙ جمالي ۽ بدين جي ساحلي پٽيءَ جا علائقا ۽ سامونڊي ڪناري کان اندر ننڍن ننڍن ٻيٽن تي رهندڙ ماڻهن جي زندگين کان واقف ماڻهن کي چڱيءَ پر پتو آهي ته ان علائقي ۾ غربت جي ڪهڙي انتها آهي. هنن علائقن جي اڪثريتي آبادي ٻيون انساني سهولتون ته ڇڏيو پر پيئڻ جي پاڻيءَ کان به وانجهيل آهي. گهڻي ڀاڱي ننڍن هوڙن تي ماهيگيري ڪندڙ ڳوٺڙن ۾ زندگي انساني معيار کان ڪوهين ڏور آهي. روڊ رستا، بجلي، اسپتال ۽ اسڪول بس نالي ماتر آهن. گڏيل قومن واري اداري پاران سنڌ ۾ گهڻ پاسائين غربت بابت جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته انهن علائقن جا 75 سيڪڙو گهراڻا گهڻ پاسائين غربت جو شڪار آهن. دنيا ۾ هاڻي غربت کي رڳو معاشي پئماني تي نٿو ماپيو وڃي پر ان ۾ تعليم، مائرن ۽ ٻارن جي صحت، ٻارن جي اسڪول ۾ هجڻ، صنفي برابري وغيره جهڙا اهڃاڻ به شامل ڪيا وڃن ٿا. اهي سمورا اهڃاڻ ملي ڪنهن به آباديءَ جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي سهپ جو تعين ڪن ٿا. قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي ان مجموعي سهپ/سگهه لاءِ (Resilience) جو لفظ استعمال ٿئي ٿو. دنيا ۾ پٺتي پيل ملڪن لاءِ هاڻي قدرتي آفتن کان بچاءُ جي مجموعي رٿابندي لاءِ سهپ/سگهه وڌائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. جن ماڻهن جي آمدني بهتر آهي، جيڪي پڪو يا اوچو گهر ٺاهي سگهن ٿا، جن جي سماجي اوسر ۽ صحت بهتر آهي، جن وٽ پيئڻ جو صاف پاڻي موجود آهي ۽ جن وٽ مناسب کاڌ خوراڪ ماڻڻ جيتري پهچ آهي، اهي ماڻهو/آباديون قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي بهتر صلاحيت رکن ٿا. غربت، بک ۽ بدحالي جو شڪار ماڻهو قدرتي آفتن ۾ وڌيڪ سٽجن ٿا ۽ کين بحال ٿيڻ ۾ به وڌيڪ وقت لڳي ٿو.

ان پئماني تي ڏسجي ته سنڌ جي سامونڊي ڪناري واريون آباديون موسمن جي سٽ سهڻ جي صلاحيت کان گهڻو ڪري وانجهيون آهن. دنيا جي ساحلي علائقن ۾ ماڻهن جون زندگيون بچائڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا وڃن ٿا. بنگلاديش، فلپائن، ميانمر، ٿائلينڊ وغيره جي ساحلي آبادين کي سامونڊي طوفانن کان وڌيڪ خطرو رهي ٿو. انهن ملڪن وقت سان گڏ سامونڊي طوفانن کي منهن ڏيڻ سکي ورتو آهي. بنگلاديش، خاص طور تي ان حوالي سان هڪ مثال آهي. سامونڊي طوفانن جو لڳاتار شڪار رهڻ کانپوءِ حڪومتن اتي جانيون بچائڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا آهن. سمنڊ ويجهو رهندڙ ماڻهن جي گهرن ۽ ٻين عوامي عمارتن کي ڪاٺ يا ڪنڪريٽ جي ٿنڀن تي اوچو ڪري ٺاهيو وڃي ٿو ته جيئن سمنڊ ۾ چاڙهه وقت پاڻي انهن جي گهرن هيٺان لنگهي وڃي ۽ گهر توڙي گهر ڀاتي ۽ سندن سامان محفوظ رهن ٿا. بنگلاديش ۾ ساحلي آبادين کي اڳواٽ چتاءُ ڏيڻ لاءِ انهن علائقن ۾ موبائل فون جي سهولت کي عام ڪيو ويو آهي، جنهن وسيلي اتي جي رهواسين کي موسمي صورتحال بابت لڳاتار ڄاڻ ڏني وڃي ٿي. ان کانسواءِ هنگامي حالتن ۾ ماڻهن کي محفوظ ماڳن ڏانهن لڏائي اتي انيڪ موسمي پناهه گاهون ٺاهيون ويون آهن، جتي ماڻهن جون حياتيون بچائڻ لاءِ انتظام ڪيل هوندا آهن.

1970ع ۾ الڳ ملڪ ٿيڻ کان اڳ جڏهن بنگلاديش ۾ طوفان “ڀولا” آيو ته 5 لک ماڻهو مري ويا. ان وقت ماڻهن کي لڏائي ويهارڻ لاءِ 42 پناهه گاهون هيون. هاڻي بنگلاديش حڪومت ساحلي علائقن ۾ 12 هزار اهڙيون پناهه گاهون ٺاهي ڇڏيون آهن. 2020ع ۾ جڏهن ساڳي شدت وارو طوفان “ايمفين” آيو ته ان ۾ 26 ماڻهن جون حياتيون ضايع ٿيون.

بائپر جواءِ طوفان وقت هڪ ٽاڪ شو ۾ مون صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي سربراهه کي چيو ته، بنگلاديش جيان سنڌ ۾ به سامونڊي طوفانن کان بچاءَ لاءِ پناهه گاهون ۽ ٻيا انتظام ڪرڻ گهرجن ته هن وراڻيو ته، اسان وٽ ايترا طوفان نٿا اچن، جو انهن جي انتظامن تي وڏي رقم لڳائجي. دراصل اسان جي علائقي ۾ سامونڊي طوفان اچن ته تمام گهڻا ٿا پر خوش قسمتي سان اسان 1999ع کانپوءِ ڪنهن طوفان جو نشانو نه بڻيا آهيون.

آمريڪي ميٽرولاجيڪل سوسائٽي جي جرنل ۾ ڇپيل هڪ تحقيقي مقالي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 1979ع کان 2008ع وارن 30 سالن ۾ عربي سمنڊ اندر 41 طوفان ٺهيا، جن مان 23 زمين سان به ٽڪرايا. انهن ورهين ۾ سراسري طور هر سال 4.7 ڏينهن طوفان رهيا آهن. ان ريسرچ موجب 1979ع کان 1991ع وارن ورهين ۾ هر سال ساليانو 2.3 ڏينهن طوفان رهيا پر 1992ع کان 2008ع وارن ورهين ۾ طوفانن جا ڏينهن وڌي 6.4 ٿي ويا. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته هن خطي اندر طوفانن جو مدو وڌي رهيو آهي.

ريسرچ ڪندڙ اهو به ٻڌائين ٿا ته جن ملڪن ۾ حڪمراني سٺي ناهي، اتي حڪومتن ۾ تباهين کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت به گهٽ هوندي آهي. مثال طور: 2008ع ۾ ميانمر ۾ ‘نرگس’ طوفان جي نتيجن ۾ 1 لک، 40 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا ۽ 25 لک ماڻهو متاثر ٿيا. ان طوفان جي اڳڪٿي هفتو اڳ ڪئي وئي هئي پر حڪومت نه وقت سر ماڻهن کي ڄاڻ ڏني ۽ نه کين محفوظ علائقن ڏانهن لڏايو. ايئن خراب حڪمرانيءَ سبب ايڏي وڏي انگ ۾ جانيون ويون.

سنڌ جي جاگرافيائي بيهڪ سبب ان کي دريائي ٻوڏ، جابلو ٻوڏ، شهري ٻوڏ، سوڪهڙي، سامونڊي طوفان، زلزلي ۽ سونامي جو انديشو رهي ٿو. سنڌ کي 2010ع ۽ 2020ع وارين ٻوڏن ۽ تازو ٽري ويل طوفان مان سبق سکندي عوامي سگهه وڌائڻ، انفراسٽرڪچر بهتر ڪرڻ، نيڪال جو نظام سڌارڻ، پاڻيءَ جا لنگهه کولڻ ۽ اڳواٽ چتاءُ جو نظام بهتر ڪرڻ سان گڏ هنگامي حالتن وارن مرڪزن جو ڄار وڇائڻ جي ضرورت آهي. بدقسمتيءَ سان سرڪاري نظام ۾ نااهلي ۽ ڪرپشن جي ٻٽي خطري سبب اهي ڪم سرڪاري ادارن هٿان ٿيڻ جي صلاحيت گهٽجي چڪي آهي. حڪومت کي گهرجي ته ان ڏس ۾ خانگي شعبي ۽ غير سرڪاري ساکائتين تنظيمن سان گڏجي آفتن کان بچاءُ جي انتظامڪاريءَ جو ڳانڍاپيل نظام قائم ڪري ته جيئن انساني جانين کي بچائي سگهجي ۽ ذيان گهٽائي سگهجي.

[email protected]

Leave A Comment