ٽيڪسٽ بورڊ پاران سرڪاري ڪتابن جي وڪري جي جاچ: گهٽ ڇپائي جو اعتراف

آگسٽ 11, 2023

نوشهروفيروز(رپورٽ: زاهد راڄپر) سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ سرڪاري ڪتابن جي وڪري جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، جاچ ٽيم نوشهرو فيروز پهچي وئي، گهٽ ڇپائي جو به اعتراف ڪيو ويو، کوٽ پوري ٿيڻ تائين ڪتاب نه ورهائڻ جي هدايت ڪئي وئي

تفصيل موجب سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ نئون تعليمي سال شروع ٿيڻ باوجود گهٽ ڪتاب ملڻ ۽ اڪثر اسڪولن ۾ تعليمي عمل ٺپ هجڻ وارين خبرن اچڻ بعد سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ سرگرم ٿي ويو آهي

مختلف شهرن ۾ سرڪاري ڪتابن جي وڪري وارين خبرن اچڻ بعد بورڊ پاران جاچ شروع ڪئي وئي آهي، نوشهرو فيروز  جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتابن جي کوٽ واري  شڪايت تي جاچ ٽيم پهچي وئي

سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ جي ٽيم ۾ محسن سيال ۽ جمشيد جوڻيجو شامل هئا جن مختلف اسڪول گھمي ڪتابن بابت معلومات ورتي

جاچ ٽيم آن ڪيمرا موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪتابن جي گھٽ ڇپائي جو پڻ اعتراف ڪيو ويو جاچ ٽيم جو چوڻ هو ته ڪتابن جي وڪري جي جاچ ڪري رھيا آھيون،  بجيٽ جي کوٽ سبب گھٽ ڪتاب ڇپيا

ٽيم ميمبرن ٻڌايو ته ڪيترن اسڪولن ۾ اڃا تائين ڪتاب ورھائجي نه سگھيا، ڪتاب نه ورھائڻ جو سبب گھٽ ڪتاب آھن، ڪيترن اسڪولن ۾ شاگرد گھڻا ۽ ڪتاب گھٽ آھن

جاچ  ٽيم موجب ڪتاب گھٽ ھجڻ ڪري استاد نه ورھائين، گھٽ ڪتاب ورھائيندا ته متاثر شاگرد دانھون ڪندا، ڪتابن جي کوٽ جو مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آھيون

Leave A Comment