سنڌ ٽيڪس آمدني ۾ سڀ کان اڳتي: هر سال 60 سيڪڙو وصولين جو انڪشاف: انگ اکر پيش

فيبروري 15, 2025

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) گذريل پنج سالن دوران ملڪ اندر ٿيندڙ ٽيڪس آمدني ۾ لڳ ڀڳ هر سال سنڌ صوبي مان 60 سيڪڙو ٽيڪس وصوليون ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر مهرين ڀٽو جي سوال جو لکت ۾ ناڻي وزير محمد اورنگزيب  پاران قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل جواب ۾ قومي اسيمبلي کي گذريل پنج سالن دوران ملڪ اندر ٿيل مجموعي ٽيڪس آمدني ۽ هر صوبي ۾ قائم ٿيل ايف بي آر جي آفيسن پاران وصول ڪيل ٽيڪس آمدني جي تفصيلن کان آگاهي ڏني وئي آھي قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو آھي  ته  سال 2019-20ع ۾ ملڪ اندر ڪل ٽيڪس آمدني 3997 ارب رپيا ٿي، جنهن مان ايف بي آر جي سنڌ صوبي ۾ قائم آفيسن پاران سنڌ صوبي مان مجموعي طور تي  2326 ارب، پنجاب مان 879 ارب، ڪي پي ڪي مان 82 ارب , بلوچستان مان 59 ارب روپين جون ٽيڪس وصوليون ٿيون . سال 2020-21ع ۾ ملڪ امدر ڪل ٽيڪس آمدني 4745 ارب رپيا ٿي، جنهن مان اڪيلي سنڌ صوبي مان 2809 ارب، پنجاب مان 1057 ارب ,ڪي پي ڪي مان 117 ارب، بلوچستان مان 83 ارب ٽيڪس وصوليون ٿيون سال 2021-22ع ۾ ملڪ اندر ڪل ٽيڪس آمدني 6148 ارب ٿي جنهن ۾ سنڌ مان 3836 ارب ، پنجاب مان 1222 ارب , ڪي پي پي مان 167 ارب ، بلوچستان مان 127 ارب روپين جي ٽيڪس آمدني ٿي جڏهن ته سال 2022-23ع ۾ ملڪ اندر ڪل ٽيڪس آمدني 7164 ارب رپيا ٿي، جنهن مان سنڌ صوبي مان 4158 ارب ، پنجاب مام 1656 ارب ، ڪي پي ڪي مان 216 ارب ۽ بلوچستان مان 123 ارب روپيا ٽيڪس آمدني ٿي سال 2023-24ع ۾ ملڪ اندر ڪل ٽيڪس آمدني 9299ارب ٿي جنهن ۾ سنڌ صوبي پاران 5223 ارب ، پنجاب صوبي 2282 ارب ، ڪي پي ڪي مان 287 ارب ۽ بلوچستان مان 165 ارب رپيا ٽيڪس وصولي ٿي. قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل جواب ۾ اسلام آباد ۽ گلت مان ٿيل ٽيڪس وصولين بابت به آگاهي ڏني وئي آھي.

Leave A Comment