| سنڌ پاڪستان جو اٽوٽ انگ آهي: مراد شاهه جو ڀارتي وزير کي جواب |
ڪراچي(م ڊ) سنڌ جي وڏي وزيرسيد مراد شاهه ڀارتي دفاع واري وزير راجناٿ جي سنڌ بابت ڏنل بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي .سوشل ميڊيا تي ڀارتي دفاع واري وزير جي ڏنل بيان جي موٽ ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه چيو ته ڀارتي دفاع وارو وزير تاريخ کان بي خبر آهي، سندس سنڌ بابت بيان سفارتي طور تي غير ذميواراڻو آهي. هن چيو ته ڀارتي وزير اسان بابت خواب ڏسڻ بند ڪري پنهنجي اندروني ورهاست تي ڌيان ڏئي.هن چيو ته سنڌ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي 1936ع ۾ بمبئي پريزيڊنسي کان الڳ ٿي وئي هئي، سنڌ جي ماڻهن پنهنجي خودمختياري، وقار ۽ پنهنجي سياسي سڃاڻپ کي ترجيح ڏني. هن چيو ته سنڌ پاڪستان جو اٽوٽ ۽ ناقابل تقسيم حصو آهي. سنڌ ڪالهه به پاڪستان جو حصو هئي، اڄ به پاڪستان جو حصو آهي ۽ هميشه پاڪستان جو حصو رهندي.