سنڌ پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي، صوبي جون حدون تبديل نه ٿينديون: قومي ۽ سنڌ اسيمبلي مان ڀارتي وزير خلاف گڏيل ٺهراءُ منظور 

سنڌ پاڪستان جو اڻٽٽ حصو آهي، صوبي جون حدون تبديل نه ٿينديون: قومي ۽ سنڌ اسيمبلي مان ڀارتي وزير خلاف گڏيل ٺهراءُ منظور 

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي  ڀارتي دفاع واري وزير راجناٿ جي سنڌ بابت ڏنل بيان خلاف گڏيل طور تي ٺهراءُ پاس ڪري ورتو. سنڌ بورڊ آف انٽر ميڊييٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ترميمي بل به ايوان مان گڏيل طور تي پاس ڪيو ويو. ڪالهوڪي اجلاس ۾ صوبائي وزير مڪيش چاولا ڀارتي دفاع واري وزير جي سنڌ بابت ڏنل بيان خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ، جيڪو ايوان اڪثريت سان پاس ڪري ورتو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه  ڀارت جي دفاع واري وزير جي بيان خلاف پيش ڪيل ٺهراءَ تي ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته اُهو معاملو بين الاقوامي سطح تي اُٿاريو وڃي،  هندستان جي دفاع واري وزير سنڌ بابت جيڪو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اُهو افسوسناڪ آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ جو وجود قبلِ مسيح کان اڳ جو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته جيڪو ٺهراءُ پيش ڪيو ويو آهي، انهي ۾ سڄي تاريخ بيان ٿيل آهي، قديم نقشن ۾ سنڌ سان گڏ ملتان ۽ مڪران وارا علائقا شامل هئا. وڏي وزير بزرگ اڳواڻن جي پاڪستان جي قيام دوران ڪيل ڪردار کي به اُجاگر ڪيو۔ هن چيو ته مسلم ليگ سنڌ چيپٽر پاڪستان جي قيام لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو هو، پاڪستان اسان جي بزرگن جي قربانين سان ٺهيو آهي. مراد علي شاهه هندستان جي ڊگهي عرصي کان وزير رهندڙ شخص کي گھٻراھٽ ۾ ورتل قرار ڏيندي چيو ته هو پريشاني ۽ ابتري جي حالت ۾ آهي، ڀارت جي گھٻراھٽ 7 جهاز ڪرڻ واري واقعي کانپوءِ شروع ٿي، هن وڌيڪ چيو ته هندستان جو دفاع وارو وزير اُتر پرديش ۾ پيدا ٿيو، هن ڪڏهن به سنڌو درياءِ جو پاڻي نه پيتو آهي تنهنڪري سندس سوچ خراب ٿي وئي آهي. وڏي وزير الزام مڙهيو ته ڀارت دريائن کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهي ٿو۔ وڏي وزير وفاقي حڪومت کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسان هن ٺهراءَ ذريعي وفاق کان مطالبو ڪريون ٿا ته حڪومتِ پاڪستان اهو معاملو دنيا آڏو رکي. هن وڌيڪ چيو حڪومتِ پاڪستان هي ٺهراءُ دنيا ڏانهن موڪلي ۽ کين ٻڌائي ته ڀارت سنڌو درياءِ تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو سنڌ پاڪستان جو حصو آهي ۽ هميشه رهندي. ان جون حدون تبديل ٿي نٿيون سگهن. ٺهراءُ تي ڳالهائيندي صوبائي وزير سردار شاھ چيو ته ڀارت جي دفاع واري وزير طرفان سنڌ بابت بيان هڪ پاپولر اسٽنٽ طور استعمال ڪيو آهي، پاڪستان جيئن انڊيا کي جواب ڏنو ۽ دبئي ۾ مشق دوران ڀارت جو هڪ جهاز ڪِريو، انڊيا جي وزير دفاع تاريخ سان مذاق ڪيو آهي،هن تاريخ ناهي پڙهي، هن  جواهر لال کي به نه پڙهيو آهي، تڏهن اهڙا بيان ڏئي پيو. هن چيو ته سنڌ 6 هزار سال پهريان به هئي، دنيا جو پهريون ڪتاب به سنڌ بابت لکيو ويو، هن چيو ته انڊيا لفظ انڊس مان نڪتل آهي. سنڌ هڪ آزاد ملڪ هو، پوءِ صوبو ٺهيو ۽ پنهنجي مرضي سان ٺهراءُ تحت پاڪستان جو حصو بڻيو. ممبئي ۾ ويهي ڦڙڪيون نه هنيون وڃن، گجرات ۽ راجستان ۾ اڄ به سنڌي ڳالهائي وڃي ٿي، ڪٿي ائين نه ٿئي اسان پنهنجو حصو هندستان کان واپس وٺون. ايم ڪيو ايم جي عامر خان چيو ته ڀارتي جهازن کي اسان هوا ۾ رک بڻائي ڇڏيو،  پاڪستان جي عوام فيصلو ڪيو ته مودي کي وري چانهه جي هوٽل تي واپس وڃڻو پوندو. پيپلز پارٽي جي گيانچنداڻي ايسراڻي چيو ته مودي کي پيغام ڏيندس ته اقليت هن ملڪ سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهي، اهي هتي محفوظ آهن، اسان اليڪشن ۾ جنرل سيٽن تي ڪامياب ٿي هتي موجود آهيون. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڀارتي وزير جو بيان بي بنياد آھي،  پاڪستاني فوج جو مقابلو نه ڪري سگھندڙن وٽ بيان بازي کانسواءِ ڪجهه  ناھي. اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو ته انڊيا کي جنگي سان گڏ سفارتي محاذ تي به بدنامي پلئه پئي،. اجلاس دوران پي ٽي آءِ ميمبر سجاد سومرو چيو ته لمس جي شاگرد ڊاڪٽر عبدالسلام  سومرو جي مبينا خودڪشي واري واقعي جي اڻڌري جاچ ڪرائي والدين کي آءَ جي سان ملايو وڃي. جنهن تي جواب ڏيندي گھرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته واقعي جي جاچ ھلي پئي، قانون واري وزير ضيا الحسن لنجار زرعي انڪم ٽيڪس جو ترميمي آرڊينس ايوان ۾ پيش ڪيو، جيڪو پاس ٿي ويو.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبليءَ ۾ ڀارت جي وزير دفاع راج ناٿ سنگهه جي بيان  خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪندي چيو ويو آهي ته سنڌ پاڪستان جي جسم جو اڻ ٽتندڙ حصو آهي.قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ميمبر اسلم عالم نيازي ڀارت جي وزير دفاع راج ناٿ سنگهه جي سنڌ بابت بيان تي مذمتي ٺهراءٌ پيش ڪيو. ٺهراءُ  ۾ چيو ويو ته ڀارت جي وزير دفاع جو بيان مذمت جوڳو ۽ پاڪستان جي خودمختياري تي حملو آهي. ٺهراءُ  ۾ زور ڏنو ويو ته سنڌ پاڪستان جي جسم جو اڻ ٽٽندڙ حصو آهي.