| سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سي سي اي 2024ع امتحان جا تڪراري نتيجا معطل: رڪارڊ سيل: سيڪريٽري طلب |
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سي سي اي 2024ع امتحان جي تڪراري نتيجن کي معطل ڪري ڇڏيو، ڪالهه سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي گڏيل مقابلي واري امتحان 2024 جي نتيجن خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذارن موقف اختيار ڪيو ته اهي اسڪريننگ ٽيسٽ ۽ لکت واري امتحان ۾ سٺي ڪارڪردگي باوجود انٽريو ۾ ناڪام قرار ڏنا ويا، جڏهن ته ميرٽ جي ابتڙ من پسنداميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، انهي امتحان ۾ ويٺل 10 هزارن مان صرف 70 اميدوارن کي پاس ڪيو ويو آهي, اهڙي عمل سان سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پنهنجي ساک وڃائي چڪي آهي، عدالت ابتدائي ٻڌڻي بعد معاملي کي غور طلب قرار ڏيندي ڪميشن جي سيڪريٽري، ڪنٽرولر، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ لاڳاپيل ڌرين کي 21 مئي لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي حڪم ڏنو ته گڏيل مقابلي واري امتحان 2024 جو سمورو رڪارڊ سيل ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪيو وڃي، عدالت وڌيڪ حڪم ڏنو ته 6 مئي 2026ع تي جاري ڪيل نتيجن بابت پريس رليز تي ايندڙ ٻڌڻي تائين عملدرآمد معطل رهندو، انهي بنياد تي وڌيڪ ڪا به ڪارروائي نه ڪئي ويندي.